افغانستان دهشتگردن لاءِ محفوظ پناهگاهه آهي، اُتان سرحدي حملا ۽ انساني بحران وڌي رهيو آهي: پاڪستان

گڏيل قومون-11 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن ۾ خبردار ڪيو آهي ته افغانستان دهشتگردن لاءِ محفوظ پناهگاهه بڻجي چڪو آهي، سرحدي حملا ۽ انساني بحران وڌي رهيا آهن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار سلامتي ڪائونسل کي ٻُڌايو ته افغانستان سرزمين تان دهشتگردي پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي، ڇاڪاڻ ته طالبان دهشتگردن جي حمايت ڪن ٿا ۽ کين بنا روڪ ٽوڪ جي سرحد …

گڏيل قومون-11 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن ۾ خبردار ڪيو آهي ته افغانستان دهشتگردن لاءِ محفوظ پناهگاهه بڻجي چڪو آهي، سرحدي حملا ۽ انساني بحران وڌي رهيا آهن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار سلامتي ڪائونسل کي ٻُڌايو ته افغانستان سرزمين تان دهشتگردي پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي، ڇاڪاڻ ته طالبان دهشتگردن جي حمايت ڪن ٿا ۽ کين بنا روڪ ٽوڪ جي سرحد پار ڪارروائيءَ جي اجازت ڏين ٿا. عاصم افتخار چيو ته افغانستان هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرد گروهن ۽ انهن جي مددگارن جو محفوظ پناهگاهه بڻجي چڪو آهي، جنهن جا تباهي آڻيندڙ نتيجا پاڙيسري ملڪن خاص ڪري پاڪستان ۽ خطي ۾ سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو ته داعش جي القاعده، تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي)، اي ٽي آءِ ايم، بي ايل اي ۽ مجيد برگيڊ جهڙا گروهه افغانستان جي سرزمين تي محفوظ ٺڪاڻن ۾ موجود آهن ۽ سرحد پار حملا، آپگهاتي ڌماڪا ۽ ٻيون ڪارروايون ڪن ٿا. نمائندي ڀارت طرف اشارو ڪندي چيو ته هڪ مخالف ڌُر افغانستان مان پاڪستان خلاف دهشتگرداڻين سرگرمين جي مالي، فني ۽ مادي مدد فراهم ڪري واڌارو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان گذريل 4 سالن دوران طالبان عملدارن سان باقاعدي رابطا ڪيا پر دهشتگرد گروهن خلاف ٺوس قدم کڻڻ بدران پاڪستان تي حملن ۾ واڌارو ٿيو. سندس چوڻ هو ته 2025ع ۾ افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ تقريبن 1200 ماڻهو شهيد ٿيا.

مزید خبریں