آمريڪي صدر پاران گولڊ ڪارڊ پروگرام جي شروعات جو اعلان

واشنگٽن- 11 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته گولڊ ڪارڊ جنهن جو هن ڊگهي عرصي کان واعدو ڪيو هو، باضابطه طور تي وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن وائيٽ هائوس جي روز ويلٽ روم ۾ واپاري اڳواڻن جي موجودگي ۾ گولڊ ڪارڊ پروگرام جي شروعات جو اعلان ڪندي چيو ته ان پروگرام تحت حاصل ٿيل رقم آمريڪي حڪومت ڏانهن وڃي …

واشنگٽن- 11 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته گولڊ ڪارڊ جنهن جو هن ڊگهي عرصي کان واعدو ڪيو هو، باضابطه طور تي وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن وائيٽ هائوس جي روز ويلٽ روم ۾ واپاري اڳواڻن جي موجودگي ۾ گولڊ ڪارڊ پروگرام جي شروعات جو اعلان ڪندي چيو ته ان پروگرام تحت حاصل ٿيل رقم آمريڪي حڪومت ڏانهن وڃي ۽ هن اها اڳڪٿي ڪئي ته اربين ڊالرز ناڻي کاتي جي انتظام هيٺ اڪائونٽ ۾ ايندا جنهن سان اسان ملڪ لاءِ هاڪاري ڪم ڪري سگهنداسين. نئون پروگرام اصل ۾ هڪ گرين ڪارڊ آهي، جيڪو اثرائتي طور تي مستقل قانوني رهائش ۽ بعد ۾ شهريت جو موقعو فراهم ڪري ٿو. آمريڪي صدر چيو ته بنيادي طور تي اهو هڪ گرين ڪارڊ ئي آهي پر ان کان ڪيترائي ڀيرا بهتر، طاقتور، ڪيترائي ڀيرا مضبوط آهي. صدر انهن ڪمپنين لاءِ نوڪريون پيدا ڪرڻ جي ڪنهن شرط جو ذڪر ناهي ڪيو جيڪي ان پروگرام لاءِ درخواستون ڏينديون.

مزید خبریں