واشنگٽن- 11 ڊسمبر (اي پي پي)آمريڪي نمائندن واري ايوان ايندڙ سال لاءِ نيشنل ڊفينس آرٿورائزيشن ايڪٽ (اين ڊي اي اي) جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت دفاعي خرچن لاءِ 901 ارب ڊالرز رکيا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق بل جي حمايت ۾ 312 ووٽ ۽ مخالفت ۾ 112 ووٽ پيا، جنهن کانپوءِ هاڻي اهو بل قطعي منظوري لاءِ سينيٽ موڪليو ويندو. مخالفت ۾ ووٽ وجهندڙن ۾ 18 ريپبلڪنز ۽ …
آمريڪي نمائندن واري ايوان ۾ 901 ارب ڊالرن جي دفاعي بل جي منظوري

مزید خبریں
واشنگٽن- 11 ڊسمبر (اي پي پي)آمريڪي نمائندن واري ايوان ايندڙ سال لاءِ نيشنل ڊفينس آرٿورائزيشن ايڪٽ (اين ڊي اي اي) جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت دفاعي خرچن لاءِ 901 ارب ڊالرز رکيا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق بل جي حمايت ۾ 312 ووٽ ۽ مخالفت ۾ 112 ووٽ پيا، جنهن کانپوءِ هاڻي اهو بل قطعي منظوري لاءِ سينيٽ موڪليو ويندو. مخالفت ۾ ووٽ وجهندڙن ۾ 18 ريپبلڪنز ۽ 94 ڊيموڪريٽڪ ميمبر شامل هئا. 3 هزار صفحن تي ٻڌل ان بل ۾ فوجي اهلڪارن جي پگهارن ۾ اٽڪل 4 سيڪڙو اضافو، پينٽاگون طرفان هٿيارن جي خريداري جي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ سڌارا، گولڊن ڊوم ميزائل دفاعي نظام جي تياري بابت قدم ۽ مجموعي فوجي تياري کي بهتر بڻائڻ جا منصوبا شامل آهن. واضح رهي ته اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته سينيٽ ۾ به ان قانونسازي کي ٻنهي پارٽين جي حمايت حاصل ٿي ويندي.






