سعودي عرب ۾ حفظ ۽ تلاوت قرآن بابت شاهه سلمان ايوارڊ لاءِ 70 لک ريال جي انعام جو اعلان

رياض-11 ڊسمبر (اي پي پي) خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي سرپرستي هيٺ اسلامي معاملن واري وزارت، 27 هين شاهه سلمان ايوارڊ حفظ ۽ تلاوت قرآن ڪريم ۽ تفسير منعقد ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب شاگردن ۽ شاگردياڻين وچ ۾ مقابلي لاءِ 70 لک ريال جا انعام رکيا ويا آهن. مقابلو کٽڻ وارن ڇوڪرن لاءِ تقريب 3 رمضان المبارڪ تي منعقد ڪئي ويندي. اسلامي معاملن واري وزير شيخ …

رياض-11 ڊسمبر (اي پي پي) خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي سرپرستي هيٺ اسلامي معاملن واري وزارت، 27 هين شاهه سلمان ايوارڊ حفظ ۽ تلاوت قرآن ڪريم ۽ تفسير منعقد ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب شاگردن ۽ شاگردياڻين وچ ۾ مقابلي لاءِ 70 لک ريال جا انعام رکيا ويا آهن. مقابلو کٽڻ وارن ڇوڪرن لاءِ تقريب 3 رمضان المبارڪ تي منعقد ڪئي ويندي. اسلامي معاملن واري وزير شيخ ڊاڪٽر عبدالطيف آل الشيخ قرآت جي مقابلي جي سرپرستي ڪرڻ تي شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جو شڪريو ادا ڪيو. وزارت، مملڪت جي مختلف علائقن مان مقابلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي چونڊ جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن فائنل مقابلي ۾ شرڪت جي فهرست تيار ڪري سگهجي . مقابلي لاءِ 6 زون رکيا ويا آهن جنهن ۾ پهريون انعام 4 لک ريال هوندو. مقابلي جو پهريون حصو مڪمل حفظ قرآن ۽ قرآت جو ٿيندو جڏهن ته ٻيون حصو مڪمل حفظ قرآن ڪريم تجويد ۽ آيتن جي تفسير تي ٻڌل آهي. ٽئين حصي ۾ مڪمل حفظ ۽ حسن قرآت جو جڏهن ته چوٿون حصو ويهن سيپارن جي حفظ ۽ حسن قرآت ، پنجو حصو ڏهن سيپارن جي حفظ ۽ حسن قرآت جڏهن ته ڇهون حصو پنجن شين جي حفظ ۽ حسن قرآت لاءِ مخصوص هوندو.

مزید خبریں