گڏيل قومون-11 ڊسمبر(اي پي پي)گڏيل قومن جي انساني معاملن جي اڳواڻ ٽام فليچر چيو آهي ته افغانستان هن وقت هڪ انتهائي سنگين انساني بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. سال 2026ع ۾ 2 ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي امداد جي ضرورت پوندي. پرڏيهي ميڊيا موجب سلامتي ڪائونسل کي بريفنگ ڏيندي هن ٻڌايو ته عورتن ۽ ٻارڙين تي لاڳو پابندين، لڳاتار معاشي مشڪلاتن، ڊگهي عرصي کان جاري جنگ جا اثر ۽ هن …
افغانستان ۾ شديد انساني بحران، سال 2026 ۾ 2 ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي امداد جي ضرورت پوندي:گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون-11 ڊسمبر(اي پي پي)گڏيل قومن جي انساني معاملن جي اڳواڻ ٽام فليچر چيو آهي ته افغانستان هن وقت هڪ انتهائي سنگين انساني بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. سال 2026ع ۾ 2 ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي امداد جي ضرورت پوندي. پرڏيهي ميڊيا موجب سلامتي ڪائونسل کي بريفنگ ڏيندي هن ٻڌايو ته عورتن ۽ ٻارڙين تي لاڳو پابندين، لڳاتار معاشي مشڪلاتن، ڊگهي عرصي کان جاري جنگ جا اثر ۽ هن سال امدادي فنڊز ۾ وڏي پيماني تي گهٽتائي صورتحال کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي. ٽام فليچر موجب بک جو شڪار افغان شهرين جو انگ هڪ ڪروڙ 74 لک تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ بنيادي خدمتون شديد دٻاءَ جو شڪار آهن. سال 2025 ۾ 26 لک کان به وڌيڪ افغان پناهگيرن جي واپسي بحران کي وڌائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ 60 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار شامل آهن. هن خبردار ڪيو ته پاڪستان ۾ 25 لک افغانين جي قانوني حيثيت ختم ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ وڏي پيماني تي واپسي جي صورت ۾ حالتون وڌيڪ ڳڻتي جوڳيون ٿي سگهن ٿيون. فنڊنگ جي گهٽتائي سبب غذائيت ۽ صحت جا سوين مرڪز بند ٿي ويا آهن جنهن سان لکين ماڻهو بنيادي سهولتن کان محروم آهن. ٽام فليچر جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن امدادي وسيلن ۾ فوري اضافو نه ٿيو ته سال 2026 ۾ زندگي بچائڻ واري امداد ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو خطرو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ بک، صحت جو بحران ۽ تحفظ جا خدشا اڳ ئي پنهنجي عروج تي آهن.






