ڪراچي-10 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي 17 ۽ 18 ڊسمبر تي ٻن ڏينهن واري ٽئين گلوبل ريسرچ ڪانگريس (جي آر سي) ۽ 6 عالمي ڪانفرنسون منعقد ڪري رهي آهي. وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي صدارت ۾ ڪانگريس ۽ عالمي ڪانفرنسن جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ يونيورسٽي جي ڪانفرنس روم ۾ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ جي آر سي جي انتظامن جو تفصيل سان جائزو ورتو …
سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي صدارت ۾ گلوبل ريسرچ ڪانگريس جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس

مزید خبریں
ڪراچي-10 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي 17 ۽ 18 ڊسمبر تي ٻن ڏينهن واري ٽئين گلوبل ريسرچ ڪانگريس (جي آر سي) ۽ 6 عالمي ڪانفرنسون منعقد ڪري رهي آهي. وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي صدارت ۾ ڪانگريس ۽ عالمي ڪانفرنسن جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ يونيورسٽي جي ڪانفرنس روم ۾ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ جي آر سي جي انتظامن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو ۽ ڪجهه اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي ۽ ملڪي اسڪالرن کان مليل 200 تحقيقي مقالن جي ائيبسٽريڪٽس مان 180 ائيبسٽريڪٽ قبول ڪيا ويا آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 09 قومي ۽ عالمي مقرر ڪانگريس ۽ عالمي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه افتتاحي ۽ پاڄي وارين سيشنس کانسواءِ ڪانگريس ۽ ڪانفرنسن جي ٻن ڏينهن دوران 10 ٽيڪنيڪل سيشن ۽ 6 پينل ڊسڪشن سيشن ٿيندا. سڀ کان اهم پينل ڊِسڪشن ڇهن وائيس چانسلرن جو هوندو، جيڪي اعليٰ تعليم ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن بابت پنهنجا ويچار پيش ڪندا. 16 ڊسمبر تي هڪ تربيتي سيشن پڻ منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ هڪ ايراني اسڪالر شرڪت ڪندو. اجلاس کي خطاب ڪندي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي هڪ تمام اهم، ٻن ڏينهن واري گلوبل ريسرچ ڪانگريس ۽ 6 عالمي ڪانفرنسون منعقد ڪري رهي آهي. هن چيو ته هيءَ گلوبل ريسرچ ڪانگريس اعليٰ تعليم جي ڪيترن ئي پهلوئن خاص طور تي تحقيق ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن کي اجاگر ڪندي، ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته ان کان اڳ ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي 2023 ۽ 2024 ۾ ترتيب وار ٻه ڪامياب گلوبل ريسرچ ڪانگريسون ۽ 11 عالمي ڪانفرنسون منعقد ڪري چڪي آهي. ساڳئي طرح هيءَ ٽئين گلوبل ريسرچ ڪانگريس ۽ 6 عالمي ڪانفرنسون پڻ ڪاميابي سان منعقد ڪيون وينديون، جن ۾ ناميارا عالمي ۽ ملڪي اسڪالر شرڪت ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ آرگنائيزنگ ڪميٽي ۽ لاڳاپيل آفيسرن طرفان ڪانگريس ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن جي هينئر تائين ڪيل انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي انتظام سنڀاليندڙن کي چيو ته ڪانگريس ۽ ڪانفرنسن دوران وڌ کان وڌ شاگردن کي رضاڪار طور شامل ڪيو وڃي ته جيئن اهي هن اهم تقريب مان ڪجهه سکي سگهن. اجلاس ۾ جي آر سي جي ڪنوينر ڊاڪٽر جمشيد عادل هاليپوٽو ۽ آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ٻين ميمبرن سان گڏ مختلف انتظامي شعبن جي سربراهن شرڪت ڪئي.











