ڪراچي-10 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ ڊينگي جي صورتحال تي روزاني رپورٽ جاري ڪئي آهي. رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ 15 نوان ڊينگي مريض داخل ڪيا ويا، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ وڌيڪ 18 مريض رپورٽ ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ صوبي ۾ داخل ٿيل ڊينگي مريضن جو ڪُل انگ 29 ٿي ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته …
ڊي جي هيلٿ سنڌ پاران صوبي ۾ ڊينگي جي صورتحال تي روزانو واري رپورٽ جاري

مزید خبریں
ڪراچي-10 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ ڊينگي جي صورتحال تي روزاني رپورٽ جاري ڪئي آهي. رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ 15 نوان ڊينگي مريض داخل ڪيا ويا، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ وڌيڪ 18 مريض رپورٽ ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ صوبي ۾ داخل ٿيل ڊينگي مريضن جو ڪُل انگ 29 ٿي ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ڊويزن ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ 6 نوان ڊينگي مريض داخل ڪيا ويا، جڏهن ته حيدرآباد جي سرڪاري اسپتالن ۾ 3 نوان مريض رپورٽ ٿيا. ان کان علاوه سرڪاري اسپتالن مان 15 مريض ۽ خانگي اسپتالن ۾ 14 مريض صحتياب ٿي گهر هليا ويا. صوبي ۾ ڊينگي سبب ڪا به فوتگي رپورٽ نه ٿي. ڊ: جي هيلٿ سنڌ موجب سرڪاري ۽ خانگي ليبارٽرين ۾ ڪل 1280 ماڻهن جي ڊينگي جي ٽيسٽ ڪئي وئي، جن مان 86 ماڻهن جي ٽيسٽ مثبت آئي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سڀ کان وڌيڪ 61 پازيٽو ڪيس ڪراچي ۾ ليبارٽرين ۾ رپورٽ ٿيا، جڏهن ته حيدرآباد جي ليبارٽرين ۾ 25 ماڻهن جي ٽيسٽ مثبت آئي. ڊائريڪٽر جنرل صحت سنڌ چيو ته صحت کاتو صورتحال جو مسلسل جائزو وٺي رهيو آهي ۽ شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.











