بينڪاڪ -10 ڊسمبر (اي پي پي) ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ سرحدي چڪرين سبب 4 لک کان وڌيڪ رهواسي لڏپلاڻ تي مجبور آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ٿائيلينڊ جي دفاع واري وزارت جي ترجمان سوراسن ڪونگ سيري ٻڌايو ته ڪمبوڊيا ۾ جاري سرحدي چڪرين سبب 7 صوبن ۾ 4 لک کان وڌيڪ ٿائي شهرين کي پنهنجن گهرن مان نڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پيو آهي. ٿائيلينڊ جي سيڪنڊ آرمي ايريا ڪمانڊ سوشل ميڊيا تي جاري …
ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا جي سرحدي چڪرين سبب 4 لک رهواسي لڏپلاڻ تي مجبور

مزید خبریں
بينڪاڪ -10 ڊسمبر (اي پي پي) ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ سرحدي چڪرين سبب 4 لک کان وڌيڪ رهواسي لڏپلاڻ تي مجبور آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ٿائيلينڊ جي دفاع واري وزارت جي ترجمان سوراسن ڪونگ سيري ٻڌايو ته ڪمبوڊيا ۾ جاري سرحدي چڪرين سبب 7 صوبن ۾ 4 لک کان وڌيڪ ٿائي شهرين کي پنهنجن گهرن مان نڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پيو آهي. ٿائيلينڊ جي سيڪنڊ آرمي ايريا ڪمانڊ سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو آهي، ته اربع تي صبح جو 5 بجي کان بريرم، سورن، سيساڪت ۽ اوبون راتچٿاني سرحدي علائقن ۾ فائرنگ جا ڪيترا ئي واقعا پيش آيا. جڏهن ته هن وقت تائين ڪنهن به فوتگي جا اطلاع ناهن مليا. چڪرين سبب ٿائي سرحدي صوبن ۾ 800 کان وڌيڪ اسڪول ۽ ڪيتريون ئي اسپتالون عارضي طور بند ڪيون ويون آهن.






