بيجنگ -10 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي وزيراعظم لي چيانگ بيجنگ ۾ ون پلس 10 ڊائلاگ ۾ شرڪت لاءِ چين آيل ورلڊ بئنڪ جي صدر، عالمي مالياتي فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گڏيل قومن ۾ واپار ۽ ترقي واري ڪانفرنس جي سيڪريٽري جنرنل سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ميڊيا موجب ان موقعي تي لي چيانگ چيو ته چين سمورين ڌرين سان گڏجي چئن وڏين عالمي قدمن کي عملي جامو پهرائڻ، حقيقي گهڻ رخي پاليسي …
چين جي وزيراعظم لي چيانگ جون ورلڊ بئنڪ، آءِ ايم ايف ۽ گڏيل قومن جي واپار ۽ ترقي واري ڪانفرنس جي سربراهن سان ملاقاتون

مزید خبریں
بيجنگ -10 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي وزيراعظم لي چيانگ بيجنگ ۾ ون پلس 10 ڊائلاگ ۾ شرڪت لاءِ چين آيل ورلڊ بئنڪ جي صدر، عالمي مالياتي فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گڏيل قومن ۾ واپار ۽ ترقي واري ڪانفرنس جي سيڪريٽري جنرنل سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ميڊيا موجب ان موقعي تي لي چيانگ چيو ته چين سمورين ڌرين سان گڏجي چئن وڏين عالمي قدمن کي عملي جامو پهرائڻ، حقيقي گهڻ رخي پاليسي اختيار ڪرڻ، برابري ۽ منظم عالمي گهڻ قطبي نظام کي ترقي ۽ سڀني لاءِ شموليت تي ٻڌل اقتصادي عالمگيريت کي اڳيان وڌائڻ جو خواهشمند آهي. چين ورلڊ بئنڪ سان تعاون جاري رکندو ۽عالمي مالياتي فنڊ سان گڏجي آمدني وارن ملڪن جي ترقي ۾ مدد جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪندو. هن چيو ته چين گڏيل قومن جي واپار ۽ ترقي واري ڪانفرنس سان به رابطا ۽ هم آهنگي وڌائڻ چاهي ٿو ۽ گرين معدنيات، ڊجيٽل معيشت، مصنوعي ذهانت ۽ گهٽ ڪاربن تي منتقلي جي شعبن ۾ سهڪار کي مسلسل وڌائيندو.






