روس جي فوج جو مواصلات وارو جهاز ڪري تباهه

ماسڪو-10 ڊسمبر(اي پي پي)روس جي علائقي اوانوو ۾ فوج جو مواصلات وارو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو جنهن ۾ 7 ماڻهو سوار هئا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق روس جي دفاع واري وزارت بيان ۾ ٻڌايو ته جهاز مرمتي ڪم بعد ٽيسٽ فلائٽ تي هو. فوري طور تي  اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو ته جهاز ۾ سوار 7 ماڻهن مان ڪو زنده بچي سگهيو آهي يا نه. دفاع واري وزارت ماسڪو کان …

ماسڪو-10 ڊسمبر(اي پي پي)روس جي علائقي اوانوو ۾ فوج جو مواصلات وارو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو جنهن ۾ 7 ماڻهو سوار هئا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق روس جي دفاع واري وزارت بيان ۾ ٻڌايو ته جهاز مرمتي ڪم بعد ٽيسٽ فلائٽ تي هو. فوري طور تي  اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو ته جهاز ۾ سوار 7 ماڻهن مان ڪو زنده بچي سگهيو آهي يا نه. دفاع واري وزارت ماسڪو کان 200 ڪلوميٽر اوڀر ۾ واقع اوانووو ريجن ۾ مرمتي ڪم بعد ٽيسٽ فلائٽ دوران اي اين 22 فوج جو مواصلات وارو جهاز هڪ غيرآباد علائقي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو. وزارت ٻڌايو ته علائقي ۾ ملبي جي ڳولا لاءِ ٽيم رواني ڪئي وئي آهي جڏهن ته واقعي جي تحقيقات به شروع ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں