تهران-10 ڊسمبر(اي پي پي) ايران ۾ عورت کي پنهنجي مڙس جي قتل جي سلسلي ۾ ڏنل ڦاهي جي سزا تي عمل سندس ڪٽنب طرفان معاف ڪرڻ تي روڪيو ويو.پرڏيهي ميڊيا مطابق بلوچ اقليتي گروپ سان تعلق رکندڙ 25 سالن جي عورت وٽ وستاويز به موجود ناهن. کيس قتل جي ڏوهه ۾ هلندڙ مهيني ڦاهي اچڻي هئي. گڏيل قومن جي انساني حقن جي شعبي گذريل هفتي ايران تي دٻاءُ وڌو ته عورت …
ايران ۾ مڙس کي قتل ڪندڙ عورت جي ڦاهي جي سزا تي عمل روڪيو ويو

مزید خبریں
تهران-10 ڊسمبر(اي پي پي) ايران ۾ عورت کي پنهنجي مڙس جي قتل جي سلسلي ۾ ڏنل ڦاهي جي سزا تي عمل سندس ڪٽنب طرفان معاف ڪرڻ تي روڪيو ويو.پرڏيهي ميڊيا مطابق بلوچ اقليتي گروپ سان تعلق رکندڙ 25 سالن جي عورت وٽ وستاويز به موجود ناهن. کيس قتل جي ڏوهه ۾ هلندڙ مهيني ڦاهي اچڻي هئي. گڏيل قومن جي انساني حقن جي شعبي گذريل هفتي ايران تي دٻاءُ وڌو ته عورت کي ڦاهي نه ڏني وڃي. گڏيل قومن چيو ته کيس جبري شادي تي مجبور ڪيو ويو ۽ هوءَ پنهنجي مڙس طرفان تشدد کي منهن ڏيندي رهي پر هاڻي مقتول جي ڪٽنب کيس معاف ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي روشني ۾ عدالت پنهنجي ميزان آن لائن ويب سائيٽ تي سزا روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي.گڏيل قومن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته عورت کي سزا ۾ اها معافي مشروط طور تي ملي آهي. ان لاءِ عورت کي ديت جي رقم ادا ڪرڻي پوندي جيڪا ايران ۾ لاڳو شريعت جي قانون جي گهرج آهي. عورت جي وڪيل انسٽاگرام تي لکيو ته ديت جي اها رقم اٽڪل هڪ لک يورو جي برابر آهي جنهن کي هيستائين قيد جي سزا ڀوڳڻ سبب گهٽ ڪري 80 هزار يورو ڪيو ويو آهي، پر ايران جي عدالت جي ويب سائيٽ تي ديت جي رقم جو ذڪر ناهي ڪيو ويو.






