جڪارته-09 ڊسمبر (اي پي پي) انڊونيشيا جي گادي واري شهر جڪارته ۾ هڪ 7 ماڙ عمارت ۾ خوفناڪ باهه ڀڙڪي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق سينٽرل جڪارته پوليس جي سربراهه سوساتيو پورنو موڪونڊرو ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته باهه کي وسائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته عمارت اندر وڌيڪ متاثرن جي ڳولا جاري آهي. متاثر عمارت ٽيرا ڊرون انڊونيشيا جي …
انڊونيشيا ۾ 7 ماڙ عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب 20 ڄڻا فوت

مزید خبریں
جڪارته-09 ڊسمبر (اي پي پي) انڊونيشيا جي گادي واري شهر جڪارته ۾ هڪ 7 ماڙ عمارت ۾ خوفناڪ باهه ڀڙڪي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق سينٽرل جڪارته پوليس جي سربراهه سوساتيو پورنو موڪونڊرو ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته باهه کي وسائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته عمارت اندر وڌيڪ متاثرن جي ڳولا جاري آهي. متاثر عمارت ٽيرا ڊرون انڊونيشيا جي آفيس طور تي استعمال ٿي رهي هئي، جيڪا سروي مقصد لاءِ ڊرون سروس فراهم ڪرڻ واري ڪمپني آهي.






