جاپان جي اتر سامونڊي علائقي ويجهو 7.5 جي شدت جو زلزلو، 30 ڄڻا زخمي

ٽوڪيو-09 ڊسمبر (اي پي پي) جاپان جي اترئين سامونڊي علائقي ويجهو 7.5 جي شدت جي طاقتور زلزلي سبب 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. جنهن سبب رستن، عمارتن ۽ بنيادي ڍانچي کي وڏو نقصان پهتو آهي، زلزلي جو سبب هزارين گهرن جي بجلي به معطل ٿي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان جي موسمياتي ايجنسي جو چوڻ آهي ته زلزلو رات 11 لڳي 15 منٽن تي آيو. زلزلي کان پوءِ سونامي …

ٽوڪيو-09 ڊسمبر (اي پي پي) جاپان جي اترئين سامونڊي علائقي ويجهو 7.5 جي شدت جي طاقتور زلزلي سبب 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. جنهن سبب رستن، عمارتن ۽ بنيادي ڍانچي کي وڏو نقصان پهتو آهي، زلزلي جو سبب هزارين گهرن جي بجلي به معطل ٿي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان جي موسمياتي ايجنسي جو چوڻ آهي ته زلزلو رات 11 لڳي 15 منٽن تي آيو. زلزلي کان پوءِ سونامي جون 70 سينٽي ميٽر تائين جون بلند لهرون رڪارڊ ڪيون ويون. جڏهن ته امڪاني 3 ميٽر کان بلند لهرن جي خدشي کي نظر ۾ رکندي سامونڊي علائقن مان وڏي پئماني ماڻهن جي نيڪالي ڪئي وئي. اختيارين موجب آوموري، هوڪائيدو ۽ هونشو جي مختلف ضلعن ۾ لوڏا محسوس ڪيا ويا. سپر مارڪيٽن، رهائشي عمارتن ۽ رستن کي نقصان پهتو، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ شيشا ڀڄي پيا ۽ رستن ۾ گهارا پوڻ جا به اطلاع مليا. هنگامي ادارن ٻڌايو ته متاثر علائقن مان 2700 کان وڌيڪ گهرن جي بجلي ڪٽيل رهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن صبح تائين اڪثر گهرن ۾ بجلي بحال ڪئي وئي. شنڪانسين بلٽ ٽرين سروس عارضي طور تي معطل رهي جڏهن ته انجنيئرز پٽڙين جو معائنو مڪمل ڪري ورتو. توانائي ڪمپنين موجب هيگاشيدوري ۽ وناگاوا ايٽمي پاور پلانٽ ۾ ڪنهن به قسم جي خرابي يا غير معمولي سرگرمي رپورٽ ناهي ٿي. جاپان جي موسمياتي ايجنسي خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ هڪ هفتي تائين ان ئي شدت جي وڌيڪ آفٽر ساڪس اچي سگهن ٿا.

مزید خبریں