جاپان جون ڌمڪيون ناقابل قبول آهن: چين

بيجنگ-09 ڊسمبر(اي پي پي) چين چيو آهي ته جاپان جون ڌمڪيون ناقابل قبول آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي پنهنجي جرمن هم منصب کي چيو آهي ته جاپان جون چين کي ڌمڪيون ڏيڻ ناقابل قبول آهن. جنهن کان پوءِ جاپان دعويٰ ڪئي هئي ته چين جي جنگي جهازن جاپان جي فوجي جهازن تي ريڊار نشانو لڳايو. چين جاپان تي الزام لڳايو ته چين جي سامونڊي مشقن …

بيجنگ-09 ڊسمبر(اي پي پي) چين چيو آهي ته جاپان جون ڌمڪيون ناقابل قبول آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي پنهنجي جرمن هم منصب کي چيو آهي ته جاپان جون چين کي ڌمڪيون ڏيڻ ناقابل قبول آهن. جنهن کان پوءِ جاپان دعويٰ ڪئي هئي ته چين جي جنگي جهازن جاپان جي فوجي جهازن تي ريڊار نشانو لڳايو. چين جاپان تي الزام لڳايو ته چين جي سامونڊي مشقن ۾ مداخلت ڪئي وئي ۽ جهاز موڪليا، جڏهن ته جاپان ان واقعي کي خطرناڪ عمل قرار ڏنو. ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا ان وقت خراب ٿيا جڏهن جاپان جي وزيراعظم سانائي تاڪائچي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن چين تائيوان خلاف فوجي ڪارروائي ڪئي ۽ جاپان  جي سلامتي کي خطرو ٿيو ته جاپان جواب ڏئي سگهي ٿو. وانگ يي ياد ڏياريو ته سال 2025ع ۾ ٻي عالمي جنگ جي خاتمي جي 80هين سالگره آهي ۽ جاپان ” هارايل ملڪ طور وڌيڪ احتياط کان ڪم ڪري ها، پر موجوده قيادت تائيوان جي مسئلي کي بهاني طور استعمال ڪري چين کي فوجي طور ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

مزید خبریں