سنڌ سرڪار فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ جي سڀني کاتن ۾ خريداري صرف اي-پيڊ ۽ اي-ٽينڊرنگ ذريعي ڪئي ويندي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-08 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت سڀني کاتن جي خريداري ۽ سرڪاري ڪم اي-ٽينڊرنگ ذريعي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير هن پاليسي جو اعلان ڪيو آهي هاڻي سڄي سنڌ ۾ سرڪاري خريداري ۽ سرڪاري ٽينڊر، اهي ادارا جن کي ڇوٽ حاصل ھُئي، اُنھن جي ڇوٽ ختم ڪئي وئي آھي. هاڻي سموري خريداري …

ڪراچي-08 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت سڀني کاتن جي خريداري ۽ سرڪاري ڪم اي-ٽينڊرنگ ذريعي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير هن پاليسي جو اعلان ڪيو آهي هاڻي سڄي سنڌ ۾ سرڪاري خريداري ۽ سرڪاري ٽينڊر، اهي ادارا جن کي ڇوٽ حاصل ھُئي، اُنھن جي ڇوٽ ختم ڪئي وئي آھي. هاڻي سموري خريداري ۽ سرڪاري ٽينڊر صرف اي-ٽينڊرنگ ذريعي ڪيا ويندا. سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي ڳالهائيندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اي-پيڊ ۽ اي-ٽينڊرنگ ذريعي سڀني سرڪاري کاتن ۾ شفافيت کي وڌيڪ ھٿي ملندي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي ترقي مان لاڀ ماڻڻ گھرجي ۽ اهڙا سڀئي رستا بند ڪيا وڃن جيڪي ڪنهن به قسم جي بدعنواني جو سبب بڻجي سگهن ٿا. سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ جي سڀني کاتن ۾ خريداري صرف اي-پيڊ ۽ اي-ٽينڊرنگ ذريعي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ان قدم سان شفافيت وڌندي، عوام جو پئسو بچندو ۽ بدعنواني کي روڪڻ ۾ مدد ملندي. حڪومت جو هي فيصلو فوري طور تي لاڳو ٿي چُڪو آھي ۽ اڄ کان پوءِ سمورا ٽينڊر اي-ٽينڊر ذريعي ٿيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت خان جي خاندان جا ماڻهو ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏئي رهيا آهن ۽ پاڪستان خلاف سازشن جو حصو بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان خلاف ڀارت جا سدائين ناپاڪ ارادا رهيا آهن ۽ پاڪستان جي فوجن جنگ ۾ ڀارت کي زبردست شڪست ڏني آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو ڀارتي ميڊيا ذريعي پروپيگنڊا مهم هلائي رهيا آهن، پر پاڪستان پيپلز پارٽي جمهوري روايت کي برقرار رکڻ چاهي ٿي ۽ چاهي ٿي ته ڪا به پارٽي ريڊ لائين پار نه ڪري. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي مارشل لا سان وڙهي ۽ پارٽي قيادت جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون. پي ٽي آءِ جي باني جي پارٽي ڪڏهن به مارشل لا جو شڪار نه ٿي، انهن کي ڪڏهن به سخت سزائون نه مليون، پر پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ملڪ خلاف سازش ڪرڻ کان سواءِ سختيون برداشت ڪيون. هن چيو ته شهيد ڀٽو کي عدالتي طور تي قتل ڪيو ويو، شهيد بي بي کي شهيد ڪيو ويو ۽ صدر آصف علي زرداري کي بنا ڪنهن ڏوهه جي ٻارهن سال قيد ڪيو ويو، اسان سڀ کان وڌيڪ ظلم برداشت ڪيا پر اسان ڪڏهن به ملڪ ۽ ان جي ادارن خلاف سازش نه ڪئي. جيڪڏهن ڪو به پرڏيهي هينڊلرز يا ميڊيا ذريعي پنهنجي ملڪ ۽ ادارن خلاف سازشون ڪندو ته اسان ان جي مذمت ڪنداسين. هن چيو ته هر انساني زندگي قيمتي آهي. ڪراچي ۾ نيپا چورنگي وارو واقعو دل کي ڏکائيندڙ ۽ افسوسناڪ هو. جيڪو به قصور وار آهي يا جنھن جي بھ غلطي ڪئي آهي، ان کي سزا ملڻ گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير فوري ڪارروائي ڪئي ۽ ڪوتاھي ۾ ملوث ماڻهن کي معطل ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته اسان سڀني کي سنڌي ثقافت جي ڏينهن تي مبارڪباد ڏني. هر ڪنهن کي پنهنجي ثقافت ملهائڻ جي آزادي آهي، پر ڪنهن کي به قانون کي پنهنجي هٿن ۾ وٺڻ جي اجازت ناهي.

مزید خبریں