يوڪرين روس سان جنگ ختم ڪرڻ جي منصوبي تي اڃان تائين سنجيدگي سان غور ناهي ڪيو جنهن سان مايوسي ٿي آهي: آمريڪا

واشنگٽن - 8 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته کيس يوڪرين جي هم منصب ولاديمير زيلنڪسي کان ڪجهه مايوسي ٿي آهي ڇو ته هن روس سان جنگ ختم ڪرڻ جي منصوبي تي اڃان تائين سنجيدگي سان غور ناهي ڪيو . پرڏيهي ميڊيا مطابق صدر ٽرمپ، ڪينيڊي سينٽر آنرز جي ريڊڪارپيٽ تقريب ۾ صحافين جي سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان روس جي صدر ۽ …

واشنگٽن – 8 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته کيس يوڪرين جي هم منصب ولاديمير زيلنڪسي کان ڪجهه مايوسي ٿي آهي ڇو ته هن روس سان جنگ ختم ڪرڻ جي منصوبي تي اڃان تائين سنجيدگي سان غور ناهي ڪيو . پرڏيهي ميڊيا مطابق صدر ٽرمپ، ڪينيڊي سينٽر آنرز جي ريڊڪارپيٽ تقريب ۾ صحافين جي سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان روس جي صدر ۽ يوڪرين جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون جن ۾  صدر زيلنڪسي به شامل آهي. چوڻو پئجي ٿو ته مون کي ڪجهه مايوسي ٿي آهي ته صدر زيلنڪسي اڃان تائين ان تجويز کي ناهي پڙهيو ڇو ته ڪجهه ڪلاڪ پهريان تائين اهائي صورتحال هئي. آمريڪا ۽ يوڪرين جي اختيارين خاص طورتي صدر زيلنڪسي وچ ۾ ڪيترن ڏينهن تائين جاري رهندڙ ڳالهيون گذريل ڏينهن ڪنهن نمايان اڳڀرائي کانسواءِ ختم ٿيون ڇو ته زيلنڪسي حقيقي امن لاءِ وڌيڪ ڳالهيون جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو . اهي ڳالهيون ان بعد ٿيون جڏهن آمريڪي ايلچي اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر، ڪريملن ۾ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ماسڪو آمريڪي تجويز جي ڪجهه حصن کي رد ڪري ڇڏيو. آمريڪي منصوبو گذريل مهيني منظر عام تي اچڻ بعد کان ڪيترا معاهدا گذري چڪا آهن ڇو ته ان تي تنقيد ڪئي پئي وڃي ته اهو روس لاءِ گهڻو نرم آهي .

مزید خبریں