لاڙڪاڻو-04 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ۾ سنڌ جي ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان رنگارنگ تقريب منعقد ڪئي وئي، پروگرام ۾ سنڌ جي مالا مال ورثي، رواجن، ۽ ثقافتي جوهر کي خوبصورتي سان پيش ڪندي شاگردن سنڌي گيتن تي رقص ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا. پروگرام ۾ شاگردن ۽ پروفيسرن رواجي سنڌي لباس ۾ پائي پنهنجي ثقافت کي اُجاگر ڪيو. پروگرام ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر نفيس اختر …
لاڙڪاڻو گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ۾ سنڌ جي ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان رنگارنگ تقريب منعقد

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-04 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ۾ سنڌ جي ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان رنگارنگ تقريب منعقد ڪئي وئي، پروگرام ۾ سنڌ جي مالا مال ورثي، رواجن، ۽ ثقافتي جوهر کي خوبصورتي سان پيش ڪندي شاگردن سنڌي گيتن تي رقص ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا. پروگرام ۾ شاگردن ۽ پروفيسرن رواجي سنڌي لباس ۾ پائي پنهنجي ثقافت کي اُجاگر ڪيو. پروگرام ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر نفيس اختر انصاري جي سرپرستي ۾ پروفيسر عاصمه آرائين ۽ پروفيسر ڪوثر سمون پارارن ترتيب ڏنو ويو. ان موقعي تي ڊاڪٽر پرهه سڪينه گاد، پروفيسر غلام فضه گاد پروفيسر فهيم اختر انصاري، پروفيسر زينب جماڻي، پروفيسر ارشاد عباسي، پروفيسر صدوره سولنگي، پارس وحيد چانڊيو، پروفيسر سيما ڀٽي سميت ڪاليجز ۽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي استادن سميت وڏي انگ شرڪت ڪئي. پروگرام جي پڄاڻي سنڌ جي ثقافتي گيت (ھو جمالو) سان ٿي.











