ترڪ پارليامينٽ ۾ ڪشمير مسئلي جي حوالي سان ڀارت تي تنقيد

انقره -03 ڊسمبر (اي پي پي) ترڪيه جي  پرڏيهي وزير هاڪان فيدان  ترڪ پارليامينٽ جي منصوبه بندي ۽ بجيٽ ڪميٽي ۾ 2026ع جي پرڏيهي وزارت جي بجيٽ پيش ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشمير تڪرار کي اجاگر ڪيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب هاڪان فيدان ترڪ حڪومت جي پراڻي موقف جو ورجاءُ ڪيو جيڪو پاڪستان جو موقف به آهي. ڀارت کي ڪشمير تڪرار پاڪستان سان ڳالهين ذريعي ۽ عالمي قانون موجب حل …

انقره -03 ڊسمبر (اي پي پي) ترڪيه جي  پرڏيهي وزير هاڪان فيدان  ترڪ پارليامينٽ جي منصوبه بندي ۽ بجيٽ ڪميٽي ۾ 2026ع جي پرڏيهي وزارت جي بجيٽ پيش ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشمير تڪرار کي اجاگر ڪيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب هاڪان فيدان ترڪ حڪومت جي پراڻي موقف جو ورجاءُ ڪيو جيڪو پاڪستان جو موقف به آهي. ڀارت کي ڪشمير تڪرار پاڪستان سان ڳالهين ذريعي ۽ عالمي قانون موجب حل ڪرڻ گهرجي.صدر رجب طيب اردگان 2019ع  کان پوءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هر اجلاس ۾ ڪشمير تڪرار کي اٿاريو هو. اردگان ڀارت تي زور ڀريو ته هو ڪشمير تڪرار کي مستقل طور حل ڪري، هن خطي ۾ مسلمانن خلاف انساني حقن جي ڀڃڪڙين طرف ڌيان ڇڪايو. هن چيو ته ترڪيه ڪشمير، فلسطين ۽ اسلامو فوبيا جهڙن معاملن کي اجاگر ڪري مسلم اڪثريتي ملڪن ۾ پنهنجي سفارتي پهچ ۽ اثر رسوخ کي به وڌايو آهي. 

مزید خبریں