واشنگٽن -03 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته هو منشيات جي مبينه اسمگلرن خلاف تمام جلد زميني حملن جي منصوبا بندي ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڪابينه اجلاس دوران چيو ته سندس انتظاميه لاطيني آمريڪا مان زميني رستن سان آمريڪا جو رخ ڪندڙ منشيات جي مبينه اسمگلرن تي تمام جلد حملا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته اسان زمين تي به …
منشيات جي مبينه اسمگلرن خلاف تمام جلد زميني حملن جي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون: آمريڪي صدر

مزید خبریں
واشنگٽن -03 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته هو منشيات جي مبينه اسمگلرن خلاف تمام جلد زميني حملن جي منصوبا بندي ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڪابينه اجلاس دوران چيو ته سندس انتظاميه لاطيني آمريڪا مان زميني رستن سان آمريڪا جو رخ ڪندڙ منشيات جي مبينه اسمگلرن تي تمام جلد حملا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته اسان زمين تي به حملا شروع ڪرڻ وڃي رهيا اهيون، اوهان سمجهو ٿا ته زمين تمام آسان آهي ۽ اسان ان رستي سڃاڻون ٿا. اسان انهن بابت سڀ ڪجهه ڄاڻو ٿا. واضح رهي ته آمريڪي انتظاميه وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو تي منشيات جي ڪارٽلز سان گڏ ڳٺ جوڙ جا الزام لڳائي ٿو جڏهن ته وينز ويلا جي صدر ان الزام جي ترديد ڪئي آهي. جڏهن ته آمريڪي صدر چيو ته ضروري ناهي ته زميني حملا رڳو وينز ويلا تائين محدود هجن.






