اسرائيل خطي کي غير مستحڪم ڪرڻ جي وسيع منصوبي تي عمل ڪري رهيو آهي: ايران

تهران- 01 ڊسمبر (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته اسرائيل خطي کي غير مستحڪم ڪرڻ جي وسيع منصوبي تي عمل ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن گادي واري هنڌ تهران ۾ پنهنجي ترڪ هم منصب هاڪان فيدان سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران شام ۽ لبنان تي اسرائيلي حملن کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ پنهنجي ترڪ هم منصب جي آجيان …

تهران- 01 ڊسمبر (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته اسرائيل خطي کي غير مستحڪم ڪرڻ جي وسيع منصوبي تي عمل ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن گادي واري هنڌ تهران ۾ پنهنجي ترڪ هم منصب هاڪان فيدان سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران شام ۽ لبنان تي اسرائيلي حملن کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ پنهنجي ترڪ هم منصب جي آجيان کان پوءِ ڳالهين دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جن ۾ شام ۽ لبنان جو معاملو، ايٽمي معاملا ۽ فلسطين مسئلو شامل آهن. هن خطي جي استحڪام کي غير مستحڪم ڪرڻ جي لڳاتار اسرائيلي منصوبن بابت خبردار ڪيو. هن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته غزه ۾ جنگبندي جي معاهدي جي اسرائيلي پاران بار بار ڀڃڪڙيون ۽ لبنان ۽ شام تي حملا ان ڳالهه جو اشارو آهن ته اسرائيل خطي جي استحڪام کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ هڪ وسيع منصوبي تي عمل ڪري رهيو آهي. هن ايران ۽ ترڪيه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي رستي ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي وضاحت ڪئي ته انهن مسئلن کي خاص طور تي ۽ سڌي ريت حل ڪرڻ لاءِ ايران ۽ ترڪيه وچ ۾ سهڪار ۽ گڏيل اقتصادي ڪميٽي بابت سپريم ڪائونسل جو اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي ترڪ پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو شام تي اسرائيلي حملن کي روڪڻ ۽ غزه ۾ جنگ بندي جي معاهدي جي اسرائيلي ڀڃڪڙين کي روڪڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري.

مزید خبریں