واشنگٽن- 30 نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اشارو ڏنو آهي، ته آمريڪا وينزويلا جي زمين اندر منشيات جي اسمگلنگ جي نيٽ ورڪس خلاف هڪ نئون قدم کڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي نيٽ ورڪ سي اين اين پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي، ته ٿينڪس گيونگ جي موقعي تي آمريڪي فوجين سان هڪ ڪال دوران ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته زميني ڪارروائيون تمام جلد شروع …
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران وينزويلا ۾ ڪارروائيون تمام جلد شروع ڪرڻ جو اشارو

مزید خبریں
واشنگٽن- 30 نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اشارو ڏنو آهي، ته آمريڪا وينزويلا جي زمين اندر منشيات جي اسمگلنگ جي نيٽ ورڪس خلاف هڪ نئون قدم کڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي نيٽ ورڪ سي اين اين پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي، ته ٿينڪس گيونگ جي موقعي تي آمريڪي فوجين سان هڪ ڪال دوران ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته زميني ڪارروائيون تمام جلد شروع ٿينديون. اهو هڪ اهڙو اضافو آهي جيڪو لاطيني آمريڪا ۾ آمريڪي قاعدن ۾ تبديلي جي عڪاسي ڪري ٿو. رپورٽ مطابق اهي بيان ان ڳالهه طرف اشارو ڪن ٿا ته ڊونلڊ ٽرمپ گذريل هفتن ۾ علائقي ۾ اعليٰ سطح جي بريفنگز ۽ وڌندڙ فوجي طاقت جي مظاهري کان پوءِ پنهنجي آپشنز جو فيصلو ڪري ورتو آهي. آمريڪي انتظاميه هن هفتي وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو ۽ ان جي ڪيترن ئي اتحادين کي هڪ پرڏيهي دهشتگرد تنظيم جي ميمبر طور نامزد ڪيو آهي.






