ڪيف-29 نومبر (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولادي مير زيلنسڪي پنهنجي چيف آف اسٽاف ۽ اعليٰ ڳالهيون ڪندڙ کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. ان کان اڳ بدعنواني جي جاچ دوران صدر جي چيف آف اسٽاف اندير يرماڪ جي گهر تي ڇاپو هنيو هو. پرڏيهي ميڊيا هڪ سينئر يوڪريني عهديدار جي حوالي سان ٻڌايو ته 54 سالن جي آندري يرماڪ يوڪرين پاران آمريڪا ۾ ٿيل امن ڳالهين ۾ يوڪرين …
يوڪرين جي صدر پنهنجي چيف آف اسٽاف کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

مزید خبریں
ڪيف-29 نومبر (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولادي مير زيلنسڪي پنهنجي چيف آف اسٽاف ۽ اعليٰ ڳالهيون ڪندڙ کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. ان کان اڳ بدعنواني جي جاچ دوران صدر جي چيف آف اسٽاف اندير يرماڪ جي گهر تي ڇاپو هنيو هو. پرڏيهي ميڊيا هڪ سينئر يوڪريني عهديدار جي حوالي سان ٻڌايو ته 54 سالن جي آندري يرماڪ يوڪرين پاران آمريڪا ۾ ٿيل امن ڳالهين ۾ يوڪرين جي نمائندگي ڪرڻي هئي، پر هاڻي اهو ممڪن ناهي ۽ هاڻي ان بدران ڳالهيون ڪندڙ وفد جي اڳواڻي يوڪرين جي سلامتي ڪائونسل جو سيڪريٽري رستم عمروف ڪندو. آندري يرماڪ کي گذريل هفتي ئي يوڪرين جي ڳالهيون ڪندڙن ۾ شامل ڪيو ويو هو، جڏهن ته پاڻ يوڪرين جي صدر وولاديمير زيلنسڪي هڪ ويڊيو خطاب ۾ اعلان ڪيو هو ته يوڪرين جي صدر جي آفيس جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي ويندي. هن چيو ته آفيس جي سربراهه آندري يرماڪ پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪري ڇڏي آهي. جنهن جي ڪجهه دير کان پوءِ يوڪرين جي صدر آندري يرماڪ کي سندس عهدي تان هٽائڻ واري حڪم نامي تي صحيحي ڪري ڇڏي آهي.






