واشنگٽن-29 نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي، ته اڳوڻي صدر جوبائيڊن جي صدارتي دور دوران آٽوپين سان صحيحي ٿيل سمورا سرڪاري دستاويز رد ڪيا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي لکيو آهي ته جوبائيڊن اُن وقت ننڊ ۾ هو جڏهن هن پاڻمرادو صحيحي نظام ذريعي اٽڪل 92 سيڪڙو سرڪاري ڪاغذ منظور ڪيا. صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو …
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، جوبائيڊن جي دور ۾ آٽوپين سان صحيحي ڪيل سمورا دستاويز رد ڪري ڇڏيا

مزید خبریں
واشنگٽن-29 نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي، ته اڳوڻي صدر جوبائيڊن جي صدارتي دور دوران آٽوپين سان صحيحي ٿيل سمورا سرڪاري دستاويز رد ڪيا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي لکيو آهي ته جوبائيڊن اُن وقت ننڊ ۾ هو جڏهن هن پاڻمرادو صحيحي نظام ذريعي اٽڪل 92 سيڪڙو سرڪاري ڪاغذ منظور ڪيا. صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اهي سمورا دستاويز هاڻي ڪالعدم آهن. انهن جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي رهي. آمريڪي صدر چيو ته هو سمورا ايگزيڪيوٽو آرڊرز ۽ هر اهو حڪم نامو ختم ڪري رهيو آهي جنهن تي جوبائيڊن جي پنهنجي هٿن سان صحيحي ناهي ٿيل. ڇاڪاڻ ته خودڪار صحيحي استعمال ڪندڙن اهو ڪم غيرقانوني طور تي ڪيو آهي. ٽرمپ دعويٰ ڪري چڪو آهي ته جوبائيڊن صدارتي معافي نامو، ايگزيڪيوٽو حڪم ۽ ٻيون سرڪاري ڪارروائيون خودڪار صحيحي نظام ذريعي منظور ڪيون.






