واشنگٽن-29 نومبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو ته آمريڪا، افغان شهرين کي ويزا جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. اهو فيصلو ان واقعي جي 2 ڏينهن کانپوءِ ڪيو ويو آهي جڏهن هڪ افغان شهري، وائيٽ هائوس ويجهو فائرنگ ڪري هڪ نيشنل گارڊ اهلڪار کي قتل ۽ ٻئي کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق پرڏيهي وزير، ”ايڪس“ تي لکيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي …
آمريڪا، افغان شهرين کي ويزا جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

مزید خبریں
واشنگٽن-29 نومبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو ته آمريڪا، افغان شهرين کي ويزا جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. اهو فيصلو ان واقعي جي 2 ڏينهن کانپوءِ ڪيو ويو آهي جڏهن هڪ افغان شهري، وائيٽ هائوس ويجهو فائرنگ ڪري هڪ نيشنل گارڊ اهلڪار کي قتل ۽ ٻئي کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق پرڏيهي وزير، ”ايڪس“ تي لکيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه، افغان پاسپورٽ تي سفر ڪندڙ سمورن ماڻهن لاءِ ويزا جاري ڪرڻ جو عمل روڪي ڇڏيو آهي، آمريڪا لاءِ پنهنجي قوم ۽ پنهنجي عوام جو تحفظ اولين ترجيح آهي. ٻئي طرف آمريڪي پرڏيهي وزير به تصديق ڪئي آهي ته افغان شهرين لاءِ ويزا جاري ڪرڻ فوري طور تي روڪيو ويو آهي.






