اسرائيل فلسطينين تي تشدد جي الزامن جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي: گڏيل قومون

گڏيل قومون-29 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي تشدد جي خاتمي واري ڪميٽيءَ اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيل تشدد جي سمورن الزامن جي جاچ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي ڪميٽي هڪ بيان ۾ اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته هو موجوده هٿياربند تڪرار دوران ڪيل تشدد ۽ بدسلوڪي جي سمورن الزامن جو جائزو وٺڻ ۽ جاچ ڪرڻ لاءِ هڪ ماهر، آزاد، غير جانبدار …

گڏيل قومون-29 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي تشدد جي خاتمي واري ڪميٽيءَ اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيل تشدد جي سمورن الزامن جي جاچ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي ڪميٽي هڪ بيان ۾ اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته هو موجوده هٿياربند تڪرار دوران ڪيل تشدد ۽ بدسلوڪي جي سمورن الزامن جو جائزو وٺڻ ۽ جاچ ڪرڻ لاءِ هڪ ماهر، آزاد، غير جانبدار ۽ اثرائتي جاچ ڪميٽي جوڙي ته جيئن سينئر آفيسرن سميت ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي. ڪميٽي فلسطيني عسڪري تنظيم ۽ ٻين ڌڙن طرفان 17 آڪٽوبر 2023ع تي اسرائيل خلاف حملن جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ انهن حملن تي اسرائيلي رد عمل تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن جي اداري ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي رپورٽن ۾ تشدد جا ثبوت مليا آهن. شديد مارڪٽ، جنسي عضون تي ڌڪ، بجلي جي جهٽڪا، ڊگهي عرصي تائين دٻاءَ وارين پوزيشنن ۾ رهڻ تي مجبور ڪرڻ، ڄاڻي واڻي غير انساني حالتن ۽ بُکيو رکڻ، پاڻي ۾ ٻوڙڻ ۽ وڏي پئماني تي جنسي توهين ۽ زيادتي جون ڌمڪيون ڏيڻ جهڙن ظلمن جو انڪشاف ڪيوو يو آهي. ڪمٽيءَ اولهندي ڪناري وارن علائقن ۾ تشدد ۽ انتظامي حراست جي استعمال تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته اهي قدم غھير معمولي سطح تي پهچي چڪا آهن. ياد رهي ته وچ نومبر ۾ ڪميٽي جي سامهون پنهنجي جواب ۾ اسرائيلي وفد جي شريڪ سربراهه ۽ گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي سفير ڊينيئل ميرون پنهنجي ملڪ خلاف لڳايل الزامن کي رد ڪندي زور ڀريو هو ته اسرائيل پنهنجي قدرن ۽ اخلاقي اصولن موجب پنهنجي پنهنجي واعدن کي پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

مزید خبریں