ماسڪو-28 نومبر (اي پي پي) روس سان جنگ دوران هلندڙ سال ۾ هن وقت تائين سراسري طور يوڪرين جا 1400 فوجي روزانو مارجي يا زخمي ٿي رهيا آهن. اها ڳالهه پرڏيهي ميڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ ٻُڌائي. ان کان اڳ روس جي صدر ولادي ميرپيوٽن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته يوڪرين جي فوج جا جيترا اهلڪار جنگ ۾ مارجي رهيا آهن اوترا ڀرتي نه ٿي رهيا آهن. هن چيو …
روس سان جنگ ۾ هلندڙ سال سراسري طور 1400 يوڪرين جا فوجي روزانو مارجي يا زخمي ٿي رهيا آهن: رپورٽ

مزید خبریں
ماسڪو-28 نومبر (اي پي پي) روس سان جنگ دوران هلندڙ سال ۾ هن وقت تائين سراسري طور يوڪرين جا 1400 فوجي روزانو مارجي يا زخمي ٿي رهيا آهن. اها ڳالهه پرڏيهي ميڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ ٻُڌائي. ان کان اڳ روس جي صدر ولادي ميرپيوٽن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته يوڪرين جي فوج جا جيترا اهلڪار جنگ ۾ مارجي رهيا آهن اوترا ڀرتي نه ٿي رهيا آهن. هن چيو ته صرف هلندڙ مهيني دوران 15 هزار يوڪرين جا فوجي مارجي يا زخمي ٿي چڪا آهن. روس جي ذريعن موجب رپورٽس موجب هلندڙ سال جي هن وقت جي 330 ڏينهن تائين 4 لک 68 هزار کان وڌيڪ يوڪرين جا فوجي مارجي يا زخمي ٿي چڪا آهن. رپورٽ موجب هلندڙ سال هن وقت تائين روس جي هٿياربند فوج يوڪرين جا 18 جهاز، 48 ايئر ڊفينس سسٽم، 117 ملٽيپل راڪيٽ لانچر ۽ 6 هزار کان وڌيڪ ٽينڪون ۽ بڪتربند گاڏيون تباهه ڪيون آهن.






