گڏيل عرب امارات جي قومي ڏينهن تي ڪيترن ئي قيدين جي آزادي جو اعلان

ابوظهبي -28 نومبر (اي پي پي)گڏيل عرب امارات جي قيادت مملڪت جي 54 هين قومي ڏينهن (عيدالاتحاد) جي موقعي  تي ڪيترن ئي قيدين جي آزادي جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايدآل نهيان جيلن مان 2 هزار 937 قيدين جي آزادي جو حڪم جاري ڪيو آهي. هن انهن قيدين تي لاڳو مالي ڏنڊ به ادا ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي، جيڪو سندن سزائن …

ابوظهبي -28 نومبر (اي پي پي)گڏيل عرب امارات جي قيادت مملڪت جي 54 هين قومي ڏينهن (عيدالاتحاد) جي موقعي  تي ڪيترن ئي قيدين جي آزادي جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايدآل نهيان جيلن مان 2 هزار 937 قيدين جي آزادي جو حڪم جاري ڪيو آهي. هن انهن قيدين تي لاڳو مالي ڏنڊ به ادا ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي، جيڪو سندن سزائن جو حصو آهي. دبئي جي حڪمران، نائب صدر ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم مختلف قوميتن جي 2 هزار 25 قيدين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو . دبئي پبلڪ پراسيڪيوشن، دبئي جي پوليس سان گڏجي قيدين جي آزادي لاءِ قانوني طريقڪار تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي . عجمان رياست مان 225 ، فجيره رياست مان 129 ، شارجه مان 366 قيدين ۽ راس الخيمه مان 854 قيدين جي آزادي  جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. جن قيدين جون سزائون معاف ڪيون ويو آهن انهن جو تعلق مختلف ملڪن سان آهي. سنددن آزاديءَ لاءِ سٺي اخلاق ۽ اهليت جي معيار مطابق چونڊ ڪئي وئي آهي . اهي سنگين ڏوهن ۾ ملوث ناهن ۽ پنهنجي سزا جو هڪ حصو پورو ڪري چڪا آهن . اهڙو اعلان حڪومت جي ان خواهش جو حصو آهي ته قيدين کي پنهنجي نئين زندگي شروع ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي.

مزید خبریں