ڍاڪا-27 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش جي عدالت گذريل ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي ڪرپشن جي الزام ۾ 21 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ان کان اڳ کيس انسانيت خلاف ڏوهن تي موت جي سزا به ٻڌائي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب 78 سالن جي شيخ حسينه واجد گذريل آگسٽ ۾ بنگلاديش مان فرار ٿيڻ کانپوءِ ڀارت ۾ ترسيل آهي ۽ واپسي جي بار …
بنگلاديش جي عدالت شيخ حسينه کي 21 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، پٽ ۽ ڌيءَ کي 5، 5 سال قيد

مزید خبریں
ڍاڪا-27 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش جي عدالت گذريل ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي ڪرپشن جي الزام ۾ 21 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ان کان اڳ کيس انسانيت خلاف ڏوهن تي موت جي سزا به ٻڌائي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب 78 سالن جي شيخ حسينه واجد گذريل آگسٽ ۾ بنگلاديش مان فرار ٿيڻ کانپوءِ ڀارت ۾ ترسيل آهي ۽ واپسي جي بار بار عدالتي حڪمن کي نظر انداز ڪري چڪي آهي. کيس انسانيت جي خلاف ڏوهن تي 17 نومبر تي سندس غير حاضري ۾ سزا ٻڌائي وئي. بنگلاديش جي عدالت جي جج عوامي ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي رياستي اثاثن کي ذاتي ملڪيت جي طور تي استعمال ڪرڻ جو ڏوهي قرار ڏنو، جج موجب هن پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي ماڻهن کي فائدو پهچائڻ لاءِ سرڪاري وسيلن ۽ اختيارن کي استعمال ڪيو. عدالت هر هڪ ڪيس ۾ کيس 7، 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي جيڪا مجموعي طور تي 21 سال بڻجي ٿي، عدالت انهن ڪسين ۾ شيخ حسينه واجد جي ٻن ٻارن جيڪو هڪ آمريڪا ۾ ترسيل آهي سجيب واجد ۽ ٻي گڏيل قومن ۾ هڪ عهدي تي مقرر صائمه واجد کي 5، 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي. ڄاڻايل ٽنهي ڪيسن ۾ ڪل 47 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو هو جنهن مان پهرين ڪيس ۾ شيخ حسينه واجد سميت نامزد جوابدارن جو انگ 12، ٻي ۾ شيخ حسينه واجد ۽ سندس پٽ سجيب واجد سميت 17 ۽ ٽئين ڪيس ۾ جوابدارن جو انگ شيخ حسينه واجد، سندس پٽ سجيب واجد ۽ ڌيءَ صائمه واجد سميت 18 آهي.






