چين جي شهر هانگ ڪانگ ۾ رهائشي عمارت ۾ باهه جي واقعي ۾ فوتين جو انگ 44 ٿي ويو

بيجنگ-27 نومبر (اي پي پي) چين جي شهر هانگ ڪانگ ۾ هڪ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب فوتين جو انگ 44 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 100 ماڻهو زخمي ۽ 279 گم آهن. اي پي ۽ اي ايف پي موجب هانگ ڪانگ جي چيف ايگزيڪيوٽو جان لي چيو ته 279 ماڻهو گم آهن، جڏهن ته 100 زخمين مان 45 کان وڌيڪ جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. مقامي پوليس …

بيجنگ-27 نومبر (اي پي پي) چين جي شهر هانگ ڪانگ ۾ هڪ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب فوتين جو انگ 44 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 100 ماڻهو زخمي ۽ 279 گم آهن. اي پي ۽ اي ايف پي موجب هانگ ڪانگ جي چيف ايگزيڪيوٽو جان لي چيو ته 279 ماڻهو گم آهن، جڏهن ته 100 زخمين مان 45 کان وڌيڪ جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. مقامي پوليس مرمت جي ڪم جي ذميوار ٺيڪيدار، اداري جي ٻن سينيئر عملدارن ۽ هڪ انجنيئر کي حراست ۾ ورتو آهي. پوليس موجب عمارت جي مرمت دوران استعمال ٿيندڙ سامان باهه کان بچاءُ جي معيار مُوجب نه هو، جنهن جي ڪري باهه تيزي سان پکڙجي وئي، باهه نيو ٽيريٽريز جي جي علائقي ۾ موجود وانگ فڪ ڪورٽ ڪمپليڪس ۾ لڳي، جيڪا بلند عمارتن جو هڪ سلسلو آهي. باهه جا شعلا بانس جي لڪڙن تائين پهتا جيڪي عمارت جي ٻاهرين حصي جي مرمت لاءِ استعمال لڳايا ويا هُئا. ان ڪامپليڪس ۾ لڳ ڀڳ ٻه هزار اپارٽمنٽس ۽ لڳ ڀڳ چار هزار رهائشي آهن.

مزید خبریں