ايران آمريڪا سان ايٽمي ڳالهين لاءِ راضپي جي ٻيهر تصديق ڪري ڇڏي

ايران-27 نومبر (اي پي پي)  ايران جي قومي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني آمريڪا سان ايٽمي معاملي تي سنجيده ڳالهين جي ٻيهر تصديق ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن زور ڀريو ته انهن ڳالهين جا نتيجا آمريڪا طرفان پهرين کان طئي ٿيل نه هجڻ گهرجن. ايڪس اڪائونٽ تي هن لکيو ته اسان سنجيده، غير مصنوعي ڳالهين تي راضي آهيون، ڪنهن به ڳالهين جا نتيجا پهرين کان طئي ٿيل نه هجڻ …

ايران-27 نومبر (اي پي پي)  ايران جي قومي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني آمريڪا سان ايٽمي معاملي تي سنجيده ڳالهين جي ٻيهر تصديق ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن زور ڀريو ته انهن ڳالهين جا نتيجا آمريڪا طرفان پهرين کان طئي ٿيل نه هجڻ گهرجن. ايڪس اڪائونٽ تي هن لکيو ته اسان سنجيده، غير مصنوعي ڳالهين تي راضي آهيون، ڪنهن به ڳالهين جا نتيجا پهرين کان طئي ٿيل نه هجڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته عالمي سطح تي ڪنهن به عمل ۾ آمريڪا کي اهم ڪردار طور پيش ڪرڻ جون آمريڪي ڪوششون دوکو آهن.

مزید خبریں