ابوظهبي-27 نومبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات پنهنجي قيادت جي هدايتن تي گذريل ٻن سالن کان غزه جي عوام سان يڪجهتي، انساني همدردي ۽ عزم جو بي مثال مظاهرو ڪندي واضح ڪيو آهي ته انساني خدمت صرف امداد جي فراهمي نه پر اميد، حوصلي ۽ زندگي جو پيغام آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آپريشن الفارس الشهم 3 تحت هن وقت تائين يو اي اي طرفان 7800 کان وڌيڪ ٽرڪون زميني رستن …
گڏيل عرب امارات طرفان غزه لاءِ مثالي ڪوششون، 8700 ٽرڪون، 250 قافلا ۽ 16 لک امدادي پيڪيجز جي فراهمي

مزید خبریں
ابوظهبي-27 نومبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات پنهنجي قيادت جي هدايتن تي گذريل ٻن سالن کان غزه جي عوام سان يڪجهتي، انساني همدردي ۽ عزم جو بي مثال مظاهرو ڪندي واضح ڪيو آهي ته انساني خدمت صرف امداد جي فراهمي نه پر اميد، حوصلي ۽ زندگي جو پيغام آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آپريشن الفارس الشهم 3 تحت هن وقت تائين يو اي اي طرفان 7800 کان وڌيڪ ٽرڪون زميني رستن ذريعي روانيون ڪيون ويون آهن جن ذريعي 16 لک کان وڌيڪ امدادي پيڪيجز، 250 کان وڌيڪ قافلن جي شڪل ۾ غزه جي عوام تائين پهچايا ويا آهن. اها امداد مختلف قسمن جي ضرورت جي شين تي ٻڌل آهي جن ۾ خوراڪ، طبي سامان، رهائشي خيما، صحت جي حفاظت جون شيون ۽ ٻيون بنيادي ضرورت جون شيون شامل آهن.






