پاڪستان ۽ روس وچ ۾ 10 هين بين الحڪومتي ڪميشن اجلاس جي پڄاڻي تي اهم مفاهمتي يادداشت ۽ پروٽوڪولز تي صحيحيون

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس وچ ۾ 10 هين بين الحڪومتي ڪميشن اجلاس جي پڄاڻي تي اهم مفاهمتي يادداشتن ۽ پروٽوڪولز تي صحيحيون ٿينديون. پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري ۽ روس جي توانائي واري وزير سرگئي تسويليف بين الحڪومتي ڪميشن اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندا، اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روس جو توانائي وارو وزير گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو هو، روس جي …

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس وچ ۾ 10 هين بين الحڪومتي ڪميشن اجلاس جي پڄاڻي تي اهم مفاهمتي يادداشتن ۽ پروٽوڪولز تي صحيحيون ٿينديون. پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري ۽ روس جي توانائي واري وزير سرگئي تسويليف بين الحڪومتي ڪميشن اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندا، اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روس جو توانائي وارو وزير گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو هو، روس جي توانائي واري وزير پي اين سي اي ۾ منعقد خصوصي ڪنسرٽ ۾ به شرڪت ڪئي، روس جي وزير سرگئي تسويليف فنڪارن ۽ گلوڪارن جي پرفارمنس کي ساراهيو، ڪنسرٽ ۾ اسٽيٽ اڪيڊمڪ رشين فوڪ انسمبل طرفان فن جو مظاهرو ڪيو ويو. تقريب ۾ روس جي سائنس ۽ تعليم واري نائب وزير ، توانائي واري نائب وزير  ۽ ثقافت واري وزارت سميت وفد جن ٻين اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي، ڪنسرٽ ۾ روس کان آيل فنڪارن روس جي ثقافت جو شاندار مظاهرو ڪيو جنهن کي شرڪت ڪندڙن ساراهيو. ڪنسرٽ ۾ ڊارڪ آئيز، پيڊلرز ۽ ٻين ڪلاسيڪي روس ۽ سوويت ڌنون پيش ڪيون ويون، روس جي فوڪ ڪلچر سان گڏوگڏ پاڪستاني موسيقي جون ڌنون به مداحن جي ڌيان جو مرڪز رهيون. تقريب ۾  موجود پاڪستان ۽ روس جا شرڪت ڪندڙ ٻنهي ملڪن جي فوڪ ڪلچر مان لطف اندوز ٿيا.

مزید خبریں