چين ۾ ريل جي ٽڪر سبب ريلوي جا 11 ورڪر فوت

بيجنگ-27 نومبر (اي پي پي) چين ۾ ريل جي ٽڪر سبب ريلوي جا 11 ورڪر فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب افسوسناڪ حادثو ڏکڻ اولهه چين جي صوبي يونان ۾ گذريل ڏينهن صبح جو پيش آيو جتي ريل جي ٽڪر سبب 11 ريلوي ملازم فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. ريلوي اختيارين موجب زلزلو ماپيندڙ اوزارن جي جاچ لاءِ استعمال ٿيل ريل ڪنمنگ جي لويانگ ٽائون اسٽيشن تي معمول موجب …

بيجنگ-27 نومبر (اي پي پي) چين ۾ ريل جي ٽڪر سبب ريلوي جا 11 ورڪر فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب افسوسناڪ حادثو ڏکڻ اولهه چين جي صوبي يونان ۾ گذريل ڏينهن صبح جو پيش آيو جتي ريل جي ٽڪر سبب 11 ريلوي ملازم فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. ريلوي اختيارين موجب زلزلو ماپيندڙ اوزارن جي جاچ لاءِ استعمال ٿيل ريل ڪنمنگ جي لويانگ ٽائون اسٽيشن تي معمول موجب هڪ موڙ مڙيندي اڳتي وڃي رهي هئي ته ان دوران ٽريڪ تان گذرندڙ تعميراتي ڪارڪنن سان ٽڪرائجي وئي، عملدارن موجب حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ جاري آهي جڏهن ته زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں