هنوئي - 26 نومبر(اي پي پي) ويٽنام جي مرڪزي علائقي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ وڌي 98 ٿي ويو آهي جڏهن ته 10 ڄڻا لاپتا آهن. پرڏيهي ميديا موجب ويٽنام ڊزاسٽر اينڊ ڊائڪ مينيجمينٽ اٿارٽي گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب 2 هزار کان وڌيڪ گهرن کي نقصان پهتو آهي جڏهن ته 426 گهر مڪمل طور ڊهي پيا آهن. ٻوڏ سبب …
ويٽنام ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 98 ڄڻا فوت ٿي ويا. 570 ملين ڊالرن جو نقصان

مزید خبریں
هنوئي – 26 نومبر(اي پي پي) ويٽنام جي مرڪزي علائقي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ وڌي 98 ٿي ويو آهي جڏهن ته 10 ڄڻا لاپتا آهن. پرڏيهي ميديا موجب ويٽنام ڊزاسٽر اينڊ ڊائڪ مينيجمينٽ اٿارٽي گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب 2 هزار کان وڌيڪ گهرن کي نقصان پهتو آهي جڏهن ته 426 گهر مڪمل طور ڊهي پيا آهن. ٻوڏ سبب 51،800 هيڪٽرن تيبيٺل سارين ۽ ٻين فصلن کي نقصان پهتو آهي جڏهن ته 920،800 کان به وڌيڪ چوپايو مال ۽ پولٽري مري ويا آهن. اٿارٽي موجب اقتصادي نقصان جو ڪاٿو اٽڪل 570 ملين آمريڪي ڊالرن کان به وڌيڪ لڳايو ويو آهي.






