آسٽريليا ۾ شديد گرمي ۽ تيز هوائن سبب ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جي وارننگ جاري، 20 کان وڌيڪ اسڪول بند

ڪينبرا-26 نومبر(اي پي پي) آسٽريليا جي اوڀر پاسي نيوسائوٿ ويلز رياست ۾ شديد گرمي ۽ تيز هوائن سبب ٻيلن ۾ باهه جي تباهه ڪن خطري جي وارننگ جاري ٿيڻ تي 20 کان وڌيڪ اسڪول بند ڪيا ويا آهن.پرڏيهي ميديا موجب موسميات کاتي گذريل ڏينهن لوئر سينٽرل ويسٽ پلينز ۾ تباهه ڪن درجي جي باهه جي خطري جي اڳ ڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته گريٽر سڊني سميت وڌيڪ 10 علائقن لاءِ …

ڪينبرا-26 نومبر(اي پي پي) آسٽريليا جي اوڀر پاسي نيوسائوٿ ويلز رياست ۾ شديد گرمي ۽ تيز هوائن سبب ٻيلن ۾ باهه جي تباهه ڪن خطري جي وارننگ جاري ٿيڻ تي 20 کان وڌيڪ اسڪول بند ڪيا ويا آهن.پرڏيهي ميديا موجب موسميات کاتي گذريل ڏينهن لوئر سينٽرل ويسٽ پلينز ۾ تباهه ڪن درجي جي باهه جي خطري جي اڳ ڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته گريٽر سڊني سميت وڌيڪ 10 علائقن لاءِ انتهائي خطرناڪ فائر وارننگ جاري ڪئي وئي آهي. اهو پهريون موقعو آهي ته سيپٽمبر 2023ع کان پوءِ آسٽريليا جي ڪنهن به حصي لاءِ سڀ کان بلند سطح جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي. گذريل ڏينهن سڊني ۽ ڊبو جولوئر سينٽرل ويسٽ پلينز جو سڀ کان وڏو شهر آهي اتي گرمي پد 36 سينٽي ڊگريڊ تائين پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ٻڌايو ٿو وڃي ته شديد گرم، خشڪ موسم سان اولهه ۽ اتر اولهه جي رخ ۾ هلندڙ تيز هوائون گذريل ڏينهن رياست جي اڪثر حصن ۾ باهه جي خطرن کي وڌائي ڇڏينديون. فائر ڊينجر وارننگ سبب آسٽريليا جي تعليم بابت اداري سڄي رياست ۾ 25 اسڪولن کي حفاظتي قدمن طور بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. نيو سائوٿ ويلز رورل فائر سروس خبردار ڪيو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ باهه لڳي ته انساني حياتيون وڌيڪ خطري ۾ پئجي سگهن ٿيون. خطري وارن علائقن ۾ صبح جو سوير محفوظ هنڌن طرف نڪري وڃڻ بهترين حڪمت عملي آهي.

مزید خبریں