روس جي  ڪمپني نئين خودڪش ڊرون جي پيداوار شروع ڪري ڇڏي

ماسڪو-26 نومبر (اي پي پي) روس جي سرڪاري دفاعي ڪارپوريشن روسٽيڪ (Rostec) جي سي اي او سرگئي چيمي زوف چيو آهي ته ڪارپوريشن هڪ اهڙو جديد لوئٽرنگ بارود (خودڪش ڊرون) تيار ڪري ان جي پيداوار شروع ڪري ڇڏي آهي جيڪو هاوٽزرز، ايڇ آءِ ايم اي آر ايس لانچرز ۽ ٻين هدفن کي يقيني طور تي نشانو بڻائي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن انٽرويو ڏيندي چيو ته ان نئين ڊرون جو ڊزائين …

ماسڪو-26 نومبر (اي پي پي) روس جي سرڪاري دفاعي ڪارپوريشن روسٽيڪ (Rostec) جي سي اي او سرگئي چيمي زوف چيو آهي ته ڪارپوريشن هڪ اهڙو جديد لوئٽرنگ بارود (خودڪش ڊرون) تيار ڪري ان جي پيداوار شروع ڪري ڇڏي آهي جيڪو هاوٽزرز، ايڇ آءِ ايم اي آر ايس لانچرز ۽ ٻين هدفن کي يقيني طور تي نشانو بڻائي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن انٽرويو ڏيندي چيو ته ان نئين ڊرون جو ڊزائين گذريل سال مڪمل ٿيو هو ۽ هاڻي اهو مرحليوار پيداوار ۾ آهي ۽ جنگ جي محاذ تي استعمال به ٿي رهيو آهي. هي ڊرون ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين اڏام جي صلاحيت رکي ٿو جڏهن ته ان جي وار هيڊ جو وزن ڪيترائي ڪلوگرام آهي، جيڪو نيٽو جي هاوٽزرز، ڪائونٽر بيٽري ريڊار، ايڇ آءِ ايم اي آر ايس سسٽمز، بڪتر بندگاڏين ۽ ڪمانڊ پوسٽس سميت مختلف اهم فوجي هدفن کي تقريبن سئو سيڪڙو درستگي سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. سرگرئي چيمي زوف ٻڌايو ته روسٽيڪ پهرين کان موجود جاسوسي يو اي ويز (UAVs)جي بنياد تي حملو ڪندڙ ڊورنز به تيار ڪري رهي آهي.

مزید خبریں