چيني صدر جي اپريل ۾ چين جو دورو ڪرڻ جي دعوت قبول ڪئي اٿم: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن-25 نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هن پنهنجي چيني هم منصب شي جن پنگ سان ٽيلي فونڪ ڳالهين ۾ اپريل 2026ع ۾ چين جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن گذريل ڏينهن ٽروٿ سوشل پليٽ فارم تي چيو ته هن پنهنجي چيني هم منصب کي ساڳئي سال جي آخر ۾ آمريڪا جي سرڪاري دوري جي دعوت به ڏني. هن …

واشنگٽن-25 نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هن پنهنجي چيني هم منصب شي جن پنگ سان ٽيلي فونڪ ڳالهين ۾ اپريل 2026ع ۾ چين جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن گذريل ڏينهن ٽروٿ سوشل پليٽ فارم تي چيو ته هن پنهنجي چيني هم منصب کي ساڳئي سال جي آخر ۾ آمريڪا جي سرڪاري دوري جي دعوت به ڏني. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ طئي ٿيل معاهدن تي عملدرآمد سان لاڳاپيل اڳڀرائي ٿي، هاڻ اسان وڏي مقصد تي ڌيان ڏئي سگهون ٿا، ان سلسلي ۾ چيني صدر، هن کي اپريل ۾ بيجنگ اچڻ جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪئي ۽ صدر ٽرمپ به چيني صدر کي 2026ع جي آخر ۾ آمريڪا جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني.

مزید خبریں