تهران-25 نومبر (اي پي پي) ايران جو پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي اربع ڏينهن فرانس جو دورو ڪندو، جتي هو ٻه طرفي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي جي جاري بيان ۾ ٻڌايو ته پرڏيهي وزير اهو دورو فرانسيسي پرڏيهي وزير زان نويل بارو جي دعوت تي ڪري رهيو آهي. دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپيل، …
ايران جو پرڏيهي وزير اربع تي فرانس جو دورو ڪندو

مزید خبریں
تهران-25 نومبر (اي پي پي) ايران جو پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي اربع ڏينهن فرانس جو دورو ڪندو، جتي هو ٻه طرفي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي جي جاري بيان ۾ ٻڌايو ته پرڏيهي وزير اهو دورو فرانسيسي پرڏيهي وزير زان نويل بارو جي دعوت تي ڪري رهيو آهي. دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپيل، علائقائي ۽ عالمي صورتحال سان گڏوگڏ ايراني شهري مهرديه اسفندياري جي معاملي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. جنهن کي تازو ئي فرانس ۾ ڪيترن مهينن جي حراست کانپوءِ مشروط آزادي ڏني وئي آهي. هن چيو ته دوري دوران ايران جو موقف ان جي ايٽمي پروگرام، اهم عالمي معاملن، ٻين ملڪن سان گڏيل احترام جي بنياد تي ٿيل معاهدن ۽ ٻين لاڳاپيل موضوعن تي واضح طور تي پيش ڪيو ويندو.






