گڏيل قومون -25 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن عورتن جي قتل خلاف جدوجهد ۾ اڳڀرائي جي گهٽتائي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته گذريل سال دنيا ۾ هر 10 منٽ کان پوءِ هڪ عورت کي سندس ئي ويجهي شخص پاران قتل ڪيو ويو. گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏوهن واري آَفيس ۽ يو اين وومين هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي، ته 2024ع ۾ اٽڪل 50 هزار عورتن ۽ …
هر 10 منٽن کان پوءِ هڪ عورت پنهنجي ويجهي شخص هٿان قتل ٿئي ٿي: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون -25 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن عورتن جي قتل خلاف جدوجهد ۾ اڳڀرائي جي گهٽتائي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته گذريل سال دنيا ۾ هر 10 منٽ کان پوءِ هڪ عورت کي سندس ئي ويجهي شخص پاران قتل ڪيو ويو. گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏوهن واري آَفيس ۽ يو اين وومين هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي، ته 2024ع ۾ اٽڪل 50 هزار عورتن ۽ نينگرين کي سندن مڙسن يا خاندان جي ماڻهن قتل ڪيو. اها رپورٽ عورتن تي تشدد جي خاتمي واري عالمي ڏنهن جي موقعي تي جاري ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته سڄي دنيا ۾ قتل ٿيندڙ عورتن ۾ 60 سيڪڙو کي سندن مڙسن يا مائٽن جهڙوڪ والد، چاچي، والده يا ڀاءُ قتل ڪيو. ان جي ڀيٽ ۾ مردن جي قتل جي 11 سيڪڙو واقعن ۾ قاتل ڪو به ويجهو شخص هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 117 ملڪن جي انگن اکرن تي ٻڌل اها 50 هزار جي خطرناڪ انگ روزانو 137 عورتن يا اٽڪل هر 10 منٽن ۾ هڪ عورت جي قتل جي برابر آهي. اهو مجموعي انگ 2023ع جي ڀيٽ ۾ معمولي گهٽ آهي، پر رپورٽ موجب اها گهٽتائي حقيقي گهٽتائي ناهي پر مختلف ملڪن ۾ ڊيٽا جي دستيابي جي فرق سبب آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته عورتن ۽ ڇوڪرين جي قتل جا واقعا هر سال هزارين حياتيون ڳڙڪائين ٿا ۽ ان ۾ ڪنهن به بهتري جو ڪو نشان ئي نٿو ملي. گهر عورتن ۽ڇوڪرين جي قتل جي خطري جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ جڳهه بڻيل آهن. دنيا جو ڪو به خطو عورتن جي قتل کان محفوظ ناهي رهيو، پر آفريقا ۾ گذريل سال سڀ کان وڌيڪ 22 هزار واقعا پيش آيا. يو اين وومين جي پاليسي ڊويزن جي ڊائريڪٽر ساره هينڊريڪس چيو ته فيما سائيڊ (عورتن جي قتل) الڳ ناهي. اهو اڪثر تشدد جي تسلسل جو حصو هوندو آهي، جيڪو ضابطو آڻڻ وارن روين، ڌمڪين ۽ هراساني کان شروع ٿئي ٿو. جنهن ۾ آن لائين هراسمينٽ به شامل آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته ٽيڪنالاجي جي ترقي عورتن ۽ ڇوڪرين خلاف ڪجهه قسم جي تشدد کي وڌايو آهي ۽ نوان قسم پيدا ڪيا آهن، جيئن بنا اجازت تصويرون شيئر ڪرڻ، ڊاڪسنگ ۽ ڊيپ فيڪ وڊيوز شامل آهن.






