ڪينڊا جي شهر اوٽاوا ۾ ريفرنڊم، سکن جو ڀارتي ظلم خلاف بغاوت جو اعلان

اسلام آباد -25 نومبر (اي پي پي) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ظالماڻين پاليسين تي سکن پنهنجي آزادي جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. اقليتن جي قاتل ڀارت خلاف ڪينيڊا ۾ خالصتان جي حامي سکن جو وڏو انگ ميدان ۾ پهچي يو. تفصيل موجب سموري ڪينيڊا مودي خلاف سک برادري جي بلند نعرن سان گونجي وئي، عليحدگي پسند تنظيم سک فار جسٽس چيو آهي، ته ڪينيڊا جي شهر اوٽاوا ۾ 53 …

اسلام آباد -25 نومبر (اي پي پي) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ظالماڻين پاليسين تي سکن پنهنجي آزادي جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. اقليتن جي قاتل ڀارت خلاف ڪينيڊا ۾ خالصتان جي حامي سکن جو وڏو انگ ميدان ۾ پهچي يو. تفصيل موجب سموري ڪينيڊا مودي خلاف سک برادري جي بلند نعرن سان گونجي وئي، عليحدگي پسند تنظيم سک فار جسٽس چيو آهي، ته ڪينيڊا جي شهر اوٽاوا ۾ 53 هزار کان وڌيڪ سکن خالصتان ريفرنڊم ۾ پنهنجو حق استعمال ڪيو، انتهائي ٿڌي موسم باوجود سکن ڊگهين قطارن ۾ ڪلاڪن تائين انتظام ڪرڻ کان پوءِ ووٽ ڪاسٽ ڪيو. سک فار جسٽس جي سربراهه رپتونت سنگهه پنو چيو ته ڪينيڊا ريفرند هندو پرست دهشتگرد مودي جي گولي ۽ بم جو جواب آهي. مودي جي غاصباڻين پاليسين جو سياسي موت بيلٽ ۽ عالمي احتساب ذريعي ئي ٿيندو. تنظيم موجب ڪينيڊين ايجنسيز ٻڌائي چڪيون آهن ته مودي حڪومت سکن جي قتل ۽ ڀته خوري جي نيٽ ورڪس ۾ ملوث آهي، ڀارتي رياستي ظلم خلاف سکن جو وڏو انگ آزاد ملڪ جو اعلان ڪري چڪو آهي.

مزید خبریں