دبئي ايئر شو 2025ع ۾ 202 ارب ڊالر کان وڌيڪ جا معاهدا، نئون رڪارڊ قائم

دبئي-25 نومبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن ۾ دبئي ايئر شو 2025ع ۾ 202 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي معاهدن سان هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو ويو، جيڪو 2023ع جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق دبئي ايئر شو عالمي سطح تي منعقد ٿيندڙ سڀ کان وڏن ايوي ايشن ايونٽن مان هڪ آهي، جنهن ۾ 2 لک 48 هزار کان وڌيڪ ماهرن، صنعتي ماهرن ۽ سياحن شرڪت ڪئي. …

دبئي-25 نومبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن ۾ دبئي ايئر شو 2025ع ۾ 202 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي معاهدن سان هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو ويو، جيڪو 2023ع جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق دبئي ايئر شو عالمي سطح تي منعقد ٿيندڙ سڀ کان وڏن ايوي ايشن ايونٽن مان هڪ آهي، جنهن ۾ 2 لک 48 هزار کان وڌيڪ ماهرن، صنعتي ماهرن ۽ سياحن شرڪت ڪئي. ايونٽ ۾ 1500 کان وڌيڪ نماش ڪندڙن حصو ورتو، جنهن ۾ 440 پهريون ڀيرو شرڪت ڪئي، جڏهن ته 115 ملڪن جي 490 فوجي ۽ سول وفدن به شرڪت ڪئي، جيڪا ان ايئر شو جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿي. نمايان معاهدن ۾ ايمريٽس ايئرلائن جو بوئنگ سان 65 اضافي 777-9 جهاز۽ ايئر بيس مان 8 اي 350-900 جهاز خريد ڪرڻ جو معاهدو شامل آهي، جن جي مجموعي ماليت 41.4 ارب ڊالر آهي. ٻئي پاسي فلائي دبئي بوئنگ سان 75 بوئنگ 737 مڪس جهاز خريدڻ لاءِ مفاهمتي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن جي ماليت 13 ارب ڊالر آهي. ايونٽ ۾ هن ڀيري تاريخ جو سڀ کان وڏو اسپيس پويلين به شامل هو، جيڪو يو اي اي اسپيس ايجنسي جي شراڪتداري سان منعقد ڪيو ويو. ان کان علاوه ايئر شو ۾ ماحولياتي استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف قدم به پيش ڪيا ويا، جيڪي گڏيل عرب امارتن جي مستقبل جي پائيدار فضائي صنعت جي ترجيحن جي ترجماني ڪن ٿا.

مزید خبریں