ڪيپ ٽائون -24 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو آهي، ته سعودي عرب پائيدار اقتصادي نظام کي هٿي وٺائڻ ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل جي تحفظ لاءِ جي-20 ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن گذريل ڏکڻ آفريقا جي صدارت هيٺ جي-20 اجلاس جي آجيان ڪندي ميمبر ملڪن طرفان درپيش چئلينجز جي حل لاءِ ڪيل ڪوششن جي تعريف …
سعودي عرب پائيدار اقتصادي نظام کي هٿي وٺائڻ لاءِ جي-20 ملڪن سان شراڪتداري لاءِ پرعزم آهي: سعودي پرڏيهي وزير

مزید خبریں
ڪيپ ٽائون -24 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو آهي، ته سعودي عرب پائيدار اقتصادي نظام کي هٿي وٺائڻ ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل جي تحفظ لاءِ جي-20 ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن گذريل ڏکڻ آفريقا جي صدارت هيٺ جي-20 اجلاس جي آجيان ڪندي ميمبر ملڪن طرفان درپيش چئلينجز جي حل لاءِ ڪيل ڪوششن جي تعريف ڪئي. هن دنيا جي گرين اڪانومي ۽ صاف ٽيڪنالاجي طرف منتقلي جي حوالي سان ماحولياتي تحفظ سان توازن رکندي اقتصادي ترقي کي هٿي وٺائڻ لاءِ اهم وسيلن ۽ سيڙپڪاري تائين منصفاڻي پهچ يقيني بڻائڻ جي اهميت تي به زور ڀريو. سعودي پرڏيهي وزير پائيدار اقتصادي نظام کي هٿي وٺائڻ ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل جي تحفظ لاءِ جي-20 ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ سعودي عرب جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وزير محمد عبدالله الجدعان ۽ ناڻي وارو نائب وزير عبدالمحسن الخلف به موجود هئا.






