يمن ۾ حوثي عدالت جاسوسي جي الزام ۾ 17 ماڻهن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي

صنعا-24 نومبر(اي پي پي) يمن جي گادي واري شهر صنعا ۾ حوثين جي ڪنٽرول واري هڪ عدالت 17 ماڻهن کي پرڏيهي حڪومتن لاءِ جاسوسي ڪرڻ جو ڏوهي قرار ڏنو ۽ کين موت جي سزا ٻڌائي. پرڏيهي ايجنسين جي مقامي عملي خلاف سالن کان جاري حوثي باغين جي ڪريڪ ڊائون ۾ اها تازي اڳڀرائي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق حوثين جي انتظام هيٺ سب نيوز ايجنسي مطابق گادي واري شهر صنعا ۾ خصوصي …

صنعا-24 نومبر(اي پي پي) يمن جي گادي واري شهر صنعا ۾ حوثين جي ڪنٽرول واري هڪ عدالت 17 ماڻهن کي پرڏيهي حڪومتن لاءِ جاسوسي ڪرڻ جو ڏوهي قرار ڏنو ۽ کين موت جي سزا ٻڌائي. پرڏيهي ايجنسين جي مقامي عملي خلاف سالن کان جاري حوثي باغين جي ڪريڪ ڊائون ۾ اها تازي اڳڀرائي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق حوثين جي انتظام هيٺ سب نيوز ايجنسي مطابق گادي واري شهر صنعا ۾ خصوصي فوجداري عدالت اهو فيصلو ٻڌايو. عدالت هڪ مرد ۽ هڪ عورت کي 10 سال قيد جي سزا پڻ ٻڌائي جڏهن ته  هڪ ٻئي مدعي کي بري ڪري ڇڏيو. سزا ماڻيندڙ ڪجهه مدعي جي نمائندي وڪيل عبدالباسط غازي چيو ته ڇنڇر ڏينهن ٿيل فيصلي خلاف اپيل ڪري سگهجي ٿي. مدعي پنهنجي ” دشمنن کي رياستي اڳواڻن جي  ڪيترن ئي هنڌن ۽ اچ وڃ خاص طورتي ميزائلن بابت معلومات فراهم ڪئي جنهن سبب ڪيترائي فوجي، سيڪيورٽي ۽ سويلين هنڌ نشانو بڻيا ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ بنيادي ڍانچي جي وسيع پيماني تي تباهي ٿي. ياد رهي ته ايران جي حمايت يافته گروپ 2014ع ۾ شروع ٿيندڙ يمن جي گهرو ويڙهه دوران هزارين ماڻهن کي قيد ڪيو جن ۾ جون ۾ حراست ورتل گڏيل قومن جي عملي جا ڪارڪن به شامل آهن .

مزید خبریں