رياض- 24 نومبر (اي پي پي) خادم الحرمين الشرفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز آل سعود، بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه کي شيخ ابراهيم بن حمد بن عبدالله آل خليفه جي لاڏاڻي تي تعزيت پيش ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب جي قيادت شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه ڏانهن تعزيتي پيغام اماڻيو آهي . سعودي قيادت …
سعودي عرب جي قيادت پاران بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سان شيخ ابراهيم بن حمد بن عبدالله آل خليفه جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
رياض- 24 نومبر (اي پي پي) خادم الحرمين الشرفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز آل سعود، بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه کي شيخ ابراهيم بن حمد بن عبدالله آل خليفه جي لاڏاڻي تي تعزيت پيش ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب جي قيادت شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه ڏانهن تعزيتي پيغام اماڻيو آهي . سعودي قيادت پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي شيخ ابراهيم بن حمد بن عبدالله آل خليفه جي لاڏاڻي جي خبر تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي. اسان اوهان سان ۽ توهان جي خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي پيش ڪيون ٿا. سعودي قيادت چيو ته اسان دعا ڪيون ٿا ته الله سائين فوتي جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ وارثن کي هر آفت ۽ مصيبت کان محفوظ رکي.






