واشنگٽن -23 نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته اسان ٽيرف ۽ سيڙپڪاري ذريعي پرڏيهي زمينن تان کربين ڊالر حاصل ڪري رهيا آهيون ۽ انهن معاشي قدمن عيوض آمريڪا دنيا ۾ اڳ کان وڌيڪ مضبوط ۽ باوقار ٿي چڪو آهي. مان 8 مان 5 جنگيون سڌي ريت ٽيرف سبب روڪيون آهن. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي پنهنجي بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا …
ٽيرف ۽ سيڙپڪاري ذريعي پرڏيهي زمينن تان کربين ڊالر وٺي رهيا آهيون: ڊونلڊ ٽرمپ

مزید خبریں
واشنگٽن -23 نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته اسان ٽيرف ۽ سيڙپڪاري ذريعي پرڏيهي زمينن تان کربين ڊالر حاصل ڪري رهيا آهيون ۽ انهن معاشي قدمن عيوض آمريڪا دنيا ۾ اڳ کان وڌيڪ مضبوط ۽ باوقار ٿي چڪو آهي. مان 8 مان 5 جنگيون سڌي ريت ٽيرف سبب روڪيون آهن. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي پنهنجي بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا پرڏيهه مان ٽيرف ۽ سيڙپڪاري جي مد ۾ کربين ڊالر هاصل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته مان 8 مان 5 جنگيون صرف ٽيرف جي ڌمڪي ڏئي روڪرايون آهن. انهن پاليسين سان نه رڳو عالمي سطح تي دٻاءَ م گهٽتائي آئي پر آمريڪي معيشت کي به فائدو ٿيو. هن چيو ته ملڪ ۾ ناڻي ڌا نه هئڻ برابر آهي جڏهن ته جوبائيڊن دور ۾ ملڪي تاريخ جي بدترين مهانگائي ڏسڻ ۾ آئي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ 9 مهينن ۾ 48 هون ڀيرو تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪو آهي.






