نيويارڪ -22 نومبر (اي پي پي)آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٻڌايو آهي، ته هن نيويارڪ سٽي جي چونڊيل ميئر ظهران ممداني سان انتهائي نتيجا ڏيندڙ ملاقات ڪئي آهي ۽ هو ممداني جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب وائيٽ هائوس جي اوول آفيس ۾ آمريڪي صدر چيو ته اسان جي بهترين ۽ تمام گهڻو فائدو ڏيندڙ ملاقات ٿي. اسان جي وچ ۾ هڪجهڙا قدر آهن اسان پنهنجي هن شهر کي …
ڊونلڊ ٽرمپ جي نيويارڪ جي نئين چونڊيل ميئر ظهران ممداني سان ملاقات

مزید خبریں
نيويارڪ -22 نومبر (اي پي پي)آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٻڌايو آهي، ته هن نيويارڪ سٽي جي چونڊيل ميئر ظهران ممداني سان انتهائي نتيجا ڏيندڙ ملاقات ڪئي آهي ۽ هو ممداني جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب وائيٽ هائوس جي اوول آفيس ۾ آمريڪي صدر چيو ته اسان جي بهترين ۽ تمام گهڻو فائدو ڏيندڙ ملاقات ٿي. اسان جي وچ ۾ هڪجهڙا قدر آهن اسان پنهنجي هن شهر کي جنهن سان اسان محبت ڪيون ٿا، ترقي ڪندي ڏسڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته جيتري سٺي ڪارڪردگي ڏيکارينداسين اوترو ئي خوش ٿينداسين. اسان سڀني جو خواب پورو ڪرڻ ۾ مدد ڪنداسين. آمريڪي صدر چيو ته مان نيويارڪ ۾ رهڻ کي محفوظ سمجهان ٿو ۽ ممداني ئي ان جو ميئر آهي. آمريڪي صدر ظهران ممداني کي انتهائي دانشمند شخص قرار ڏيندي چيو ته هو نيويارڪ سان محبت ڪندڙ آهي ۽ هو انتهاپسند ناهي. ٻئي پاسي ممداني چيو ته صدر جي باري ۾ مون کي جنهن ڳالهه جو سڀ کان وڌيڪ قدر آهي اهو اهي ته اسان جي ملاقات اختلافن تي ٻڌل نه هئي.






