تهران -22 نومبر (اي پي پي) ايران گڏيل قومن جي ايٽمي نگران اداري جي بورڊ آف گورنرز جي هڪ ٺهراءَ کي ”ايران مخالف“ قرار ڏيندي ان کي رد ڪري ڇڏيو ۽ غير متعين انتقامي ڪارروائين جي ڌمڪي ڏني آهي. ميڊيا رپورٽن موجب عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي مطالبو ڪيو ته ايران ايجنسي سان مڪمل تعاون ڪندي هٿيارن جي ويجهي درجي جي يورينيم ذخيرن بابت ”صحيح ڄاڻ“ فراهم ڪري ۽ گڏ ايجنسي …
گڏيل قومن جي ايٽمي ايجنسي جا ٺهراءَ رد، ايران پاران وڌيڪ انتقامي ڪارروائين جي ڌمڪي

مزید خبریں
تهران -22 نومبر (اي پي پي) ايران گڏيل قومن جي ايٽمي نگران اداري جي بورڊ آف گورنرز جي هڪ ٺهراءَ کي ”ايران مخالف“ قرار ڏيندي ان کي رد ڪري ڇڏيو ۽ غير متعين انتقامي ڪارروائين جي ڌمڪي ڏني آهي. ميڊيا رپورٽن موجب عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي مطالبو ڪيو ته ايران ايجنسي سان مڪمل تعاون ڪندي هٿيارن جي ويجهي درجي جي يورينيم ذخيرن بابت ”صحيح ڄاڻ“ فراهم ڪري ۽ گڏ ايجنسي جي معائنو ڪندڙن کي ايراني ايٽمي هنڌن تائين پهچ ڏئي. سرڪاري خابرو اداري جي رپورٽ ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي جي حوالي سان ٻڌايوو يو آهي، ته ايران ويانا ۾ قائم آءِ اي اي اي کي هڪ خط ۾ اطلاع ڏنو هو ته خميس ڏينهن جي ٺهراءَ جي جواب ۾ ايران جي حڪومت قاهره ۾ گرمين جي موسم ۾ طئي ڪيل هڪ معاهدو ختم ڪرڻ سميت ”ٻيا قدم“ کڻي سگهي ٿي. واضح رهي ته ايران اسرائيل سان جنگ کان پوءِ ايجنسي سان سمورو سهڪار ختم ڪري ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانوگروسي معائنو ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ سيپٽمبر جي شروعات ۾ ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان قاهره ۾ هڪ معاهدو ڪيو هو. بقائي فوري طور تي اهو ناهي ٻڌايو ته ايران وڌيڪ ڪهڙا قدم کڻندو پر ملڪ جي يورينيم جي وڌيڪ رچاءَ جا امڪان آهن.






