اسلام آباد -22 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي خوراڪ واري پروگرام موجب غزه ۾ جنگ بندي کان پوءِ خوراڪ جي رسد بهتر ٿي آهي، پر ڊگهي عرصي کان قبضي هيٺ غزه ۾ خوراڪ جي فراهمي روڪڻ لاءِ ڪوششن جي اثرن کي ختم ڪرڻ ۾ اڃا وقت لڳندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ان لاءِ هاڻي به خوراڪ ۽ ضرورت جي ٻين شين جي فراهمي ان سطح تائين ناهي ٿي سگهي …
غزه ۾ خوراڪ جي فراهمي جنگ بندي کان پوءِ بهتر ٿي آهي: گڏيل قومون

مزید خبریں
اسلام آباد -22 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي خوراڪ واري پروگرام موجب غزه ۾ جنگ بندي کان پوءِ خوراڪ جي رسد بهتر ٿي آهي، پر ڊگهي عرصي کان قبضي هيٺ غزه ۾ خوراڪ جي فراهمي روڪڻ لاءِ ڪوششن جي اثرن کي ختم ڪرڻ ۾ اڃا وقت لڳندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ان لاءِ هاڻي به خوراڪ ۽ ضرورت جي ٻين شين جي فراهمي ان سطح تائين ناهي ٿي سگهي جيڪا ضروري آهي. ورلڊ فوڊ پروگرام جي ترجمان مارٽن پينر چيو ته معاملا بهتر ٿي رهيا آهن پر جنگ بندي کان پوءِ به خوراڪ ۽ ضروري شين جي غزه جي رهندڙن جي ضرورتن موجب رسد ۾ اڃا وقت لڳندو. هن چيو ته لکين ماڻهو اڄ به پنهنجي روزاني جي انتهائي ضروري ۽ فوري ضرورتن لاءِ اسان جي مدد گهرن ٿا. ياد رهي ته آگسٽ مهيني دوران گلوبل فوڊ نالي اداري ٻڌايو هو ته گهٽ ۾ گهٽ پنج لک فلسطيني عوام غزه ۾ ڏڪار ۾ ورتل آهي. جڏهن ته هاڻي بهتري اچي رهي آهي. ترجمان ٻڌايو ته جڏهن کان جنگ بندي ٿي آهي ورلڊ فوڊ پروگرام غزه م 40 هزار ٽن خوراڪ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيو آهي پر اهو رڳو غزه جي 30 سيڪڙو ضرورت لاءِ ڪافي آهي. اها خوراڪ هاڻي تائين 16 لک ماڻهن مان پنج لک 30 هزار ماڻهن تائين پهچي سگهي آهي.






