دبئي ايئر شو ۾ ڀارتي جنگ جهاز جي تباهي، ڀارتي شهرين جي پنهنجي فضائيه تي تنقيد، ايئر چيف کان استعيفيٰ جو مطالبو

نئين دهلي-22 نومبر (اي پي پي) دبئي ۾ ايئر شو دوران ڀارت جي جنگي جهاز تيجس ڪِرڻ کانپوءِ ڀارتين پنهنجي فضائيه کي تنقيد جو نشانو بنائيندي ايئر چيف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق جمعي ڏينهن دبئي ايئر شو دوران ڀارتي جنگي جهاز ايروبيٽڪ اسٽنٽ دوران ڪِري تباهه ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ ئي دبئي ايئر شو دوران ڀارتي جنگي جهاز جي هڪ وڊيو سامهون آئي …

نئين دهلي-22 نومبر (اي پي پي) دبئي ۾ ايئر شو دوران ڀارت جي جنگي جهاز تيجس ڪِرڻ کانپوءِ ڀارتين پنهنجي فضائيه کي تنقيد جو نشانو بنائيندي ايئر چيف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق جمعي ڏينهن دبئي ايئر شو دوران ڀارتي جنگي جهاز ايروبيٽڪ اسٽنٽ دوران ڪِري تباهه ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ ئي دبئي ايئر شو دوران ڀارتي جنگي جهاز جي هڪ وڊيو سامهون آئي هئي جنهن ۾ جهاز جي فيول ٽينڪ مان تيل ليِڪ ٿيندي ڏٺو ويو هو. تيجس ڪِرڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڀارتي صارفين پنهنجي فضائيه کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو آهي ۽ ايئر چيف کان استعيفيٰ جو مطالبو به ڪيو آهي. انوشي تيواري نالي ڀارتي صارف پنهنجي ايڪس پوسٽ ۾ لکيو ته هي سڄي دنيا آڏو ڀارت لاءِ هڪ شرم جي ڳاهه آهي، ڀارتي ايئر فورس جي سربراهه کي فوري طور عهدي تان هٽائڻ گهرجي. هڪ ٻئي صارف سوال اٿاريو ته جيڪڏهن اسان جا جهاز بنيادي ايروبيٽڪ اسٽنٽ به نه ٿا ڪري سگهن ته ان سان اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اسان جي پائليٽس کي جهاز اڏائڻ جي مناسب تربيت ڏني پئي وڃي. ياد رهي ته 2 سال کان به گهٽ عرصي ۾ تيجس جهاز جو هي ٻيو حادثو آهي، مارچ 2024ع ۾ تيجس جنگي جهاز راجستان جي شهر جيسلمير ۾ ڪِري تباهه ٿيو هو.

مزید خبریں