پاڪستان هميشه امن ۽ هم آهنگي جي وڪالت ڪندو رهيو آهي، زيتون جي وڻن ذريعي ڏنل عالمي امن جو پيغام، خوشحالي، صبر ۽ استقلال کي برقرار رکڻ جو عزم رکي ٿو: رانا تنوير حسين

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جيڪو هميشه امن ۽ هم آهنگي جي وڪالت ڪندو رهيو آهي، زيتون جي وڻن ذريعي ڏنل عالمي امن جو پيغام، خوشحالي، صبر ۽ استقلال کي برقرار رکڻ جو عزم رکي ٿو. اهڙو اظهار هن اسپين ۾ عالمي زيتون ڪائونسل (آءِ او سي) جي 122هين اجلاس …

اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جيڪو هميشه امن ۽ هم آهنگي جي وڪالت ڪندو رهيو آهي، زيتون جي وڻن ذريعي ڏنل عالمي امن جو پيغام، خوشحالي، صبر ۽ استقلال کي برقرار رکڻ جو عزم رکي ٿو. اهڙو اظهار هن اسپين ۾ عالمي زيتون ڪائونسل (آءِ او سي) جي 122هين اجلاس جي موقعي تي ملهائي ويندڙ زيتون ڏينهن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير زيتون جي وڻن جي صدين تي ٻَڌل ثقافتي ۽ تهذيبي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ ان کي امن، صبر، هم آهنگي ۽ گڏيل بقا جي علامت قرار ڏنو. هن چيو ته زيتون جي وڻن کي ٽن وڏن مذهبن ۾ خاص مقام حاصل آهي جتي هي مقدس روايتن ۽ صحيفن ۾ نمايان طور شامل آهي. وفاقي وزير چيو ته زيتون جو عالمي ڏينهن ان اهم پيغام جي ياد ڏياري ٿو جيڪو زيتون جي وڻن ذريعي انسانن کي ڏنو وڃي ٿو ۽ ان جي ثقافتي، ماحولياتي ۽ اقتصادي فائدن کي اجاگر ڪري ٿو. وفاقي وزير پاڪستان جي جديد ۽ مستحڪم زيتون جي شعبي جي تعمير لاءِ عزم کي ورجايو. هن ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ جنگلي زيتون جا اربين وڻ موجود آهن ۽ تقريبن 4 لک هيڪٽر زمين زيتون جي پوکيءَ لاءِ موزون آهي. نيشنل زيتون پروگرام تحت گذريل 15 سالن ۾ 7 ملين کان وڌيڪ زيتون جا وڻ لڳايا ويا آهن جيڪو ملڪ جي ڊگهي مُدي جي ويزن ۽ زيتون جي معيشت جي ترقي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت زيتون جو تيل ڪڍندڙ 51 يونٽس، 6 فروٽ پروسيسنگ فيسيلٽيز، 5 موسمياتي اسٽيشنون، 14 نرسريون ۽ زيتون جي تيل جي معيار جي جاچ لاءِ 4 ليبارٽريون قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ ايويليو ايشن ليبارٽري به شامل آهي. هزارين عورتن ۽ نوجوانن کي زيتون جي ويليو چين جي مختلف شعبن ۾ تربيت ڏني وئي آهي ۽ 90 کان وڌيڪ ڪاروباري ماڻهو زيتون تي ٻَڌل اسٽارٽ اپس قائم ڪري چڪا آهن، جيڪو ٻهراڙي جي معيشت ۽ مقامي ڪاروبار جي ترقيءَ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيو آهي. وفاقي وزير پاڪستان جي زيتون جي شعبي کي عالمي سطح تي سُڃاڻپ ڏياريندڙ هڪ هاڻوڪي ڪاميابيءَ کي بي اجاگر ڪيو. هن ٻُڌايو ته پاڪستاني اسٽارٽ اپ لورالائي زيتون (ايل او) نيويارڪ زيتون جي تيل جي معيار جي مقابلي ۾ سلور ايوارڊ کٽيو آهي. وفاقي وزير چيو ته هيءَ ڪاميابي پاڪستان جي زيتون جي شين جي معيار ۽ امڪانن جو اظهار آهي ۽ ان شعبي ۾ پاڪستاني آبادگارن، محققن ۽ نوجوانن جي محنت جدت جي تصديق ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان حڪومت عوام ۽ نجي شعبي جي حصيداري جي ماڊل کي مضبوط ڪري ان شعبي جي ترقيءَ کي وڌيڪ تيز ڪري رهي آهي. سگهه وڌائڻ جي قدمن ۽ فصل کان اڳ ۽ فصل کانپوءِ اوزارن جي فراهمي جي ذريعي هي حصيداري مثبت نتيجا ڏئي رهي آهي ۽ زيتون جي ويليو چين ۾ ڪارڪردگيءَ کي بهتر بڻائي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته هي مربوط قدم پاڪستان جي وسيع تر مفاد جي تڪميل ۾ مدد فراهم ڪن ٿا جن ۾ ٻهراڙي جي خوشحالي، ماحولياتي طور پائيدار زراعت ۽ درآمد ٿيل کاڄري تيل تي گهٽ ڀاڙڻ شامل آهي. آخر ۾ رانا تنوير حسين خيالن جي ڏي وٺ لاءِ فراهم ڪيل پليٽ فارم جي لاءِ ٿورن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي عالمي سطح تي پائيدار زيتون جي ترقيءَ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.

مزید خبریں